اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) سينيٽر ثانيه نشتر سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي پڌرائيءَ موجب سينيٽر ثانيه نشتر پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ جي چيئرمين کي لکت ۾ موڪلي آهي. آئين جي شق (1)64 تحت سندس سيٽ کي فوري طور 10 مارچ کان خالي قرار ڏنو ويو آهي.