اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ نجي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيندي روانگي واپار جي ذريعي ملڪي ترقي تي ڌيان ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي پوري ايڪو سسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ افرادي قوت خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن جي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز کي ڊيزائن ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ گروپ جي نجي شعبي جي سيڙپڪاري واري اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ايگزيڪيوٽو نائب صدر مختار ڊيوپ جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۾ آءِ ايف سي جي جاري ۽ امڪاني ۽ متوقع قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احد خان چيما ۽ ناڻي ۽ ا قتصادي معاملن واري وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ورلڊ بئنڪ گروپ جي پاڪستان ۾ تازو ئي 40 بلين آمريڪي ڊالر جي بي مثال عزم سان جاري ڪيل 10 سالا ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (35 – 2026ع جاري ڪرڻ کي ساراهيو. ان ۾ انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن ۽ نئين سر تعمير ۽ ترقي بابت عالمي بئنڪ جي ذريعي 20 بلين آمريڪي ڊالر جي آسان شرطن تي قرض شامل هوندو. آءِ ايف سي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ 20 بلين آمريڪي ڊالر گڏ ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پورٽ فوليو کي وڌائڻ ۾ آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آءِ ايف سي جي پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي، مواصلات ۽ اچ وڃ، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، موسمياتي لچڪ، صحت جي شعبي ۽ پاڻي ۽ صفائي سميت اهم شعبن تحت پنهنجي تعاون کي وڌائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ترقياتي عمل ۾ نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شرڪت ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ٻين گهڻ رخي ادارن جي نجي شعبي سان تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پڻ آءِ ايف سي جي حوصلا افزائي ڪئي. وزيراعظم روانگي واپار جي ذريعي ملڪي ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معيشت جي پوري ايڪو سسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽلائيزيشن جي جاري ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. مختار ڊيوپ رستن ۽ بجلي جي شعبن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن خاص طور تي ٽرانسميشن لائينن، هوائي اڏن جي خدمتن، ڪڻڪ جي ذخيرو ڪرڻ جي بنيادي ڍانچي بشمول سائلوز جي روانگي واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. ملاقات ۾ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ صحتمند افرادي قوت جي لاءِ پاڻي، صحت ۽ صفائي سٿرائي ۾ نجي سيڙپڪاري جي جامع نظام جي اهميت تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ گهربل سماجي خدشا آهن. مختار ڊيوپ آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي جاري ڪامياب معاشي سڌارن جي پروگرام کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ۾ نجي شعبي جي آپريشنز جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومت جي ڪوششن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. هن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي لاءِ آءِ ايف سي پاران حڪومت جي ترجيحن سان هم آهنگ حمايت جاري رکڻ جو پڻ يقين ڏياريو. وزيراعظم افرادي قوت خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن جي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز کي ڊيزائن ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي مختلف قدمن جي ذريعي پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. مختار ڊيوپ حڪومت جي ترجيحي شعبن تي آءِ ايف سي جي ڌيان کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ آءِ ايف سي جي قدمن جي حوالي سان مسلسل حمايت تي وزيراعظم ۽ حڪومت جي لاڳاپيل ڌرين جا ٿورا مڃيا.