راولپنڊي – 15 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪالهه خيبر پختونخوا ۾ 2 ڌار آپريشنز دوران 15 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي هٿالا ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران بهادر اهلڪارن خوارجن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ خوارجين جي بدنام اڳواڻ فرمان عرف ثاقب، خارجي امان الله عرف طوري، خارجي سعي عرف لياقت ۽ خارجي بلال سميت 9 ڄڻن کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل خوارجي علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. اتر وزيرستان جي ضلعي ميران شاهه جي علائقي ۾ ڪيل هڪ آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز 6 خوارجين کي ماري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ليفٽيننٽ محمد حسان ارشف عمر 21 سال، رهندڙ ضلعو لاهور پنهنجي جٿن جي اڳواڻي ڪندي انتهائي بهادري سان وڙهندي پنهنجي 3 جوانن سميت شهادت ماڻي، شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن ۾ نائب صوبيدار محمد بلال، عمر 39 سال، رهندڙ ڊيره اسماعيل خان، سپاهي فرحت الله عمر 27 سال رهندڙ ضلعو لڪي مروت ۽ سپاهي همت خان، عمر 29 سال رهندڙ ضلع مهمند شامل آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته علائقي ۾ ڪنهن ٻئي خوارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.