اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا بحرالڪاهل) سفير عمران احمد صديقي سان بنگلاديش سان تعلق رکندڙ ميڊيا جي وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي ساراهيندي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار تي زور ڏنو.