ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سي پيڪ تحت صنعتي ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌ جي اميد آهي، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري سان سنڌ ۾ هزارين نوڪريون پيدا ٿينديون، سنڌ جي ترقي اڪيلي ممڪن ناهي پر وفاقي حڪومت، عالمي حصيداري ۽ نجي شعبي سان مضبوط سهڪار جي ضرورت آهي. پاڪستان ليڊرشپ ڪنورسيشن 2025ع ۾ خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو وفاق کان فنڊز جي دير سان منتقلي آهي. هن چيو ته آمدني وقت سر جاري ڪئي ويندي آهي، پر سنڌ کي ان جو جائز حصو وقت سر نه ٿو ملي. هن وفاقي حڪومت کان گھر ڪئي ته فنڊز جي غير ضروري دير کانسواءِ منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊوميسائل سان لاڳاپيل بي ضابطگين بابت ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه يقين ڏياريو ته ڊوميسائل ۾ بي ضابطگين واري معاملي تي جاچ جاري آهي ۽ جيڪو به ڏوهي ثابت ٿيندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته حڪومت شفافيت ۽ احتساب تي پڪو يقين رکي ٿي. وڏي وزير سنڌ جي اڳتي وڌڻ جو رستو جي عنوان هيٺ پنهنجي ويزن کي بيان ڪندي سنڌ کي هڪ مستحڪم ۽ پائيدار صوبو بڻائڻ جو عزم ڪيو. هن تعليم، صحت، آبي نظام، بنيادي ڍانچي ۽ اقتصادي ترقي ۾ انقلابي قدم کڻڻ تي زور ڏنو. سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ ان جي بي پناهه صلاحيتن کي تسليم ڪندي سيد مراد علي شاھ چيو ته صوبو هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، جتي ترت اپاءَ وٺڻ جي گھرج آھي. وڏي وزير سنڌ ۾ غربت، گهٽ شرح خواندگي، غذائي کوٽ، ٻارن جي فوتگين ۽ پاڻي جي گھٽتائي جهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي. هن آبپاشي جي ناقص نظام سبب پاڻي جي 75 سيڪڙو تائين ضايع ٿيڻ کي ناقابل قبول قرار ڏيندي پائيدار حل تي عملدرآمد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ھن يقين ڏياريو تھ صوبائي حڪومت انھن اھم مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ اپاءَ وٺي رھي آھي. تعليم جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه چيو ته خواندگي جي شرح ۾ واڌ ۽ اسڪولن ۾ صنفي امتياز ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هر ٻار کي معياري تعليم حاصل ٿي سگھي. اھڙي ريت صحت واري شعبي ۾ خاص طور تي حمل دوران ۽ بعد ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سندس حڪومت نون ڄاول ٻارن جي فوتگين ۽ غذائي کوٽ گهٽ ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ نوان پروگرام پڻ متعارف ڪرائي رهي آهي. وڏي وزير چيو تھ سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ تحت آبپاشي جو جديد، پاڻي جي ضايع کي گهٽائڻ ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو آڻڻ لاءَ اپاءَ ورتا پيا وڃن. ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين واري رٿا بابت ھن اعلان ڪيو تھ 8000 ماحول دوست گاڏين کي ٽن مرحلن طور تي 500 اليڪٽرڪ بسن جي شروعات ٿي رھي آھي. جنھن جو مقصد آلودگي ۽ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ سميت لکين ماڻهن کي باوقار سفر فراهم ڪرڻ لاءِ آهي. ھن چيو ته پائيداري ۽ استحڪام رڳو لفظ ناهن اهي بنيادي اصول آهن، جيڪي سنڌ جي مستقبل کي ترتيب ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير جي خطاب کي مختلف اسٽيڪ هولڊرن طرفان ساراهيو ويو، جن حڪومت جي قدمن جي حمايت ڪئي. جيئن جيئن سنڌ ترقي جي رستي تي وڌندي، انهن منصوبن جي عملي نفاذ لاڳو ٿيڻ تي سڀني جون نظرون هونديون. پاڪستان ليڊرشپ ڪنورسيشن 2025ع ۾ معزز شخصيتن، سرڪاري عملدارن ۽ مختلف شعبن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.