واشنگٽن-12 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايگزيڪٽو آرڊر جي صحيح کان پوءِ سرچ انجڻ گوگل ۽ ايپل ميپس نار ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري نار آمريڪا ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب گوگل ۽ ايپل ميپس نار ميڪسيڪو لاءِ نار آمريڪا جو استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، گوگل جو چوڻ آهي ته ان وٽ اهڙن معاملن تي آمريڪي حڪومت جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ جي روايت رهي آهي. اهڙو حڪم گوگل جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ سمنڊ جو نالو تبديل ڪرڻ جي هڪ ڏينهن کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ سمنڊ جو نالو دي گلف آف ميڪسيڪو 16هين صدي کان استعمال ٿي رهيو هو. آمريڪي حڪومت گلف آف ميڪسيڪو جو نئون نالو گلف آف آمريڪا ڪرڻ واري پنهنجي سرڪاري نقشي کي پڻ اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گوگل هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ پنهنجي گوگل ميپس ايپ ۾ تبديلي ڪرڻ تي عملدرآمد ڪيو ۽ ايپل ميپس پڻ ائين ئي ڪيو آهي. سي نيٽ ذريعي شايع ٿيل هڪ رپورٽ موجب مائيڪرو سافٽ جلد ئي ان تبديلي جو منصوبو تيار ڪيو آهي. رپورٽ موجب مائيڪرو سافٽ آمريڪا ۾ جغرافيائي نالن جي انفارميشن سسٽم جي نالي سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ بنگ ميپس کي اپ ڊيٽ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ آمريڪي حدن ۾ نار ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري نار آمريڪا ڪرڻ شامل آهي. ايپ ميپس ان تبديلي کي صرف آمريڪا ۾ لاڳو ڪيو آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ پراڻو نالو ڏيکاريو پيو وڃي. ڪيترن ئي ماڻهن نالو تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي سوال اٿاريو آهي. جڏهن ته آمريڪي انتظاميا سمنڊ جي نالي جي تبديلي جو دفاع اهو ڪندي ڪيو آهي ته ان قدم سان پاڻين تي آمريڪا جي اثر رسوخ جي بهتر عڪاسي ڪري ٿو. ميڪسيڪو پڻ ان قدم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو قدم پاڻين تي آمريڪا هڪ طرفي طور تي ٻنهي ملڪن جي گڏيل پاڻي جو نالو تبديل نه ٿو ڪري سگهي. واضع رهي ته ريپبلڪن قانون سازن ٽرمپ جي حڪم تي عمل ڪرڻ تي گوگل جي تعريف ڪئي آهي جڏهن ته ايپل کي فوري طور تي ان جي پيروي نه ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.