اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نتين ياهو ڌمڪي ڏني آهي ته ڇنڇر تي ٻنپهرن تائين يرغمالين جي واپسي نه ٿيڻ جي صورت ۾ جنگ بندي معاهدو ختم ڪيو ويندو ۽ اسرائيلي فوج ٻيهر شديد جنگ جي شروعات ڪندي، جيڪا دشمن جي مڪمل شڪست تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيلي وزيراعظم جو اهو بيان اسرائيلي ڪابينه جي اٽڪل چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم بينجمن نتين ياهو پنهنجي صدارت هيٺ ڪابينه اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جنگ بندي معاهدي جي خلاف ورزي ۽ اسرائيلي يرغمالين کي آزاد نه ڪرڻ جي فيصلي جي روشني ۾ اسرائيلي فوج کي غزه پٽي جي ڀرپاسي ۾ گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ان حڪم نامي تي عملدارآمد جاري آهي ۽ جلد ئي مڪمل ڪيو ويندو. اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اجلاس دوران اسان سڀني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڇنڇر تائين يرغمالين جي آزادي واري مطالبي ۽ غزه جي مستقبل لاءِ صدر جي انقلابي ويزن جي آجيان ڪئي آهي.