اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ميڪرو ۽ اقتصادي استحڪام کانپوءِ واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي جي راهه تي گامزن آهي، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بهتر انداز ۾ معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي پاڪستان جي اقتصادي ٽيم کي تمام گهڻو ساراهيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو حڪومت تي سمنڊ پار پاڪستانين جي اعتماد جو عڪاس آهي، انساني اسمگلنگ جي ڪاري ڌنڌي جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪرڻو پوندو، سعودي عرب بهترين ڀائر ملڪ ۽ بااعتماد دوست آهي، پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سالميت تي ڪڏهن به ڌٻو اچڻ نه ڏيندو، غزه ۾ بدترين نسل ڪشيءَ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي مختلف يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٻطرفي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ ملاقات ۾ موجود هو، دبئي ۾ ورلڊ گورنمنٽس سمٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، ان موقعي تي دبئي جي فرمانروا، سريلنڪا جي صدر، ڪويت جي وزيراعظم ۽ بوسنيا جي صدارتي چيئرپرسن سان پڻ ملاقاتون ٿيون، پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا مثالي رهيا آهن، ڊينگي جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ علاج جي لاءِ سريلنڪا جي ڊاڪٽرز اسان جي ڀرپور مدد ڪئي هئي، سريلنڪا جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته دبئي ۾ پاڪستاني سيڙپڪارن سان ملاقات ۾ مثبت تجويزون پيش ڪيون ويون، هن ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري ماحول بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، مون کيس ٻڌايو ته پاڪستان ڏينهن رات محنت جي ڪري ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري چڪو آهي، هاڻي اسان جو ڌيان واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي تي آهي، سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي پڻ دعوت ڏني آهي، انهن جي تجويزن تي عمل پيرا ٿي ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڊي پي ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سان پڻ ملاقات ٿي ۽ هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جو خواهشمند آهي، دبئي ۾ ورلڊ گورنمنٽس سمٽ کي خطاب ۾ مون غزه ۽ فلسطين جي مسلمانن بابت پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان دنيا آڏو پيش ڪيو، غزه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، ان کان وڏي بربريت ۽ بدترين نسل ڪشيءَ جو مثال نٿو ملي، هاڻي جنگبندي کانپوءِ اميد آهي ته اتي امن قائم ٿيندو ۽ فلسطينين جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سالميت جي لاءِ سدائين آواز اٿاريو آهي، سعودي عرب پاڪستان جو بهترين ڀائر ملڪ ۽ بااعتماد دوست آهي، پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سالميت تي ڪڏهن به ڌٻو اچڻ نه ڏيندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ دبئي ۾ ملاقات ٿي، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي بهتر انداز ۾ معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي دفاع واري وزير، بجلي واري وزير، ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي تمام گهڻو ساراهيو. عالمي مالياتي اداري جي سربراهه جا ساراهه وارا جملا اسان جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳا آهن. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻو آهي ته ان جي لاءِ اسان کي محنت ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻڌايو ته ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي، ڊيوٽين جو نظام بهتر ٿيندو ۽ توانائي جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي ان سان اسان جي پيداوار وڌندي ۽ اسان دنيا جي ٻين ملڪن جو مقابلو به ڪري سگهنداسين جنهن سان آءِ ايم ايف جي ايم ڊي مثبت انداز ۾ اتفاق ڪيو ۽ چيو ته توهان پنهنجو پلان کڻي اچو اسان ان تي غور ڪنداسين جنهن کانپوءِ صوبن سان گڏجي پلان جي تياري تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پرعزم آهيون، سمنڊ پار پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ جنوري ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 3 ارب ڊالر رهيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو سمنڊ پار پاڪستانين جي حڪومت تي اعتماد جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته سندس والد ان جي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو ۽ هن سدائين محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت جي تلقين ڪئي. هن چيو ته اسان جي محنت ۽ لگن سان پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو ۽ پنهنجي پيرن تي بيهندو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي، هو اسلامي دنيا جو بهترين اڳواڻ آهي، هن سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪيه جي صدر جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، سندس دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ بابت مختلف مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. وزيراعطم چيو ته ليبيا ۾ حادثي ۾ پاڪستاني به فوت ٿيا آهن، اسان کي ان تي تمام گهڻو افسوس آهي، گهرو وزير ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پوري طرح گڏ آهن، انساني اسمگلنگ جي ڪاري ڌنڌي جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪرڻو پوندو.