اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائيدار ترقي جي لاءِ ائٽمي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ائٽمي توانائي جي پيداوار، صنعتي ترقي، علاج، زرعي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي قدمن کي ساراهيو. هن پائيدار ترقي جي لاءِ ائٽمي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران ڪينسر جي سُڃاڻپ ۽ علاج، زراعت، غذائي تحفظ، پاڻي جي انتظام ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بطور ميمبر آءِ اي اي اي تنظيم سان لاڀائتي ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي حصيداري کي برقرار رکيو آهي، آءِ اي اي جي تعاون سان پاڪستان ائٽمي توانائي جي پيداوار، صنعتي تريق، صحت جي سارسنڀال، زرعي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پرامن مقصدن جي لاءِ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ آءِ اي اي سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي پاڪستان جي پراڻي تعاون کي ساراهيو ۽ چيو ته آءِ اي اي اي پاڪستان سان انهي جذبي سان ڪم ڪندو رهندو.