گڏيل قومون – 12 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيوگوتريش غزه ۾ ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ جي خطري کان خبردار ڪندي چيو ته اها جنگ وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ميڊيا رپورٽن مطابق گڏيل قومن جي سربراهه پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ بندي ۽ ڳالهين جي اهميت تي زور ڏيندي ڌرين کان مطالبو ڪيو ته اهي منصوبي مطابق قيدين جي آزادي جاري رکن، اسان کي هر قيمت تي غزه ۾ ٻيهر جنگ طرف واپسي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها ڪنهن وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انتونيو گوتريش اميد ظاهر ڪئي ته سموريون ڌريون خطي جي ماڻهن جي بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي ذميوارين جي پاسداري ڪنديون.