نيويارڪ -12 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هٽايل آفيس آف اسپيشل ڪائونسل جي سربراهه هيمپٽن ڊيلنگر کي مقامي عدالت عارضي طور تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي مقامي عدالت جي هڪ جج وفاقي اداري آفيس آف اسپيشل ڪائونسل (او ايس سي) جي سربراهه هيمپٽن ڊيلنگر کي عارضي طور تي بحال ڪري ڇڏيوآهي .صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيلنگر کي پنهنجي عهدي تا هٽائي ڇڏيو هو. عدالتي فيصلي مطابق ڊيلنگر کي سندس برطرفي جي حوالي سان قانوني جنگ جاري رهڻ تائين بحال ڪيو ويو آهي. آفيس آف اسپيشل ڪائونسل آزاد وفاقي جاچ ۽ استغاثه ايجنسي آهي، جيڪا وفاقي ملازمن کي غيرقانوني قدمن کان تحفظ فراهم ڪندي آهي. جج جو چوڻ آهي ته ڊيلنگر کي ايندڙ خميس تائين خاص صلاحڪار جي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي . هن چيو ته ٽرمپ انتظاميه ڊيلنگر کي سندس آفيس تائين رسائي کان نٿي روڪي سگهي. ياد رهي ته 20 جنوري تي عهدو سنڀالڻ کان بعد کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف وفاقي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي عهديدارن کي پنهنجي عهدن تان هٽائي چڪو آهي، انهن ادارن ۾ انصاف واري وزارت به شامل آهي.