قاهره -12 فيبروري (اي پي پي) مصر جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي، ته عرب ليگ کي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پوءِ غزه مان لڏپلاڻ جي معاملي تي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. مصر جي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم جا ميمبر ملڪ خاص طور تي سعودي عرب، پاڪستان، ايران ۽ اردن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ رابطا ٿيا آهن جن ۾ فلسطين جي حوالي سان سان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته 27 فيبروري تي قاهره ۾ ٿيندڙ هنگامي عرب سربراهي اجلاس کان پوءِ اسلامي تنظيم جو هنگامي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ته جيئن فلسطين مسئلي تي فلسطيني، عرب ۽ مسلمان ملڪن جي موقف جي اظهار سميت فلسطين کي انهن جو خوداراديت وارو حق ڏيڻ واري معاملي جي پاسداري ڪئي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ مصر جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو هو ته قاهره 27 فيبروري تي فلسطين مسئلي تي اڳڀرائي تي هنگامي عرب سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ فلسطين مسئلي جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلسطينين کان هر شئي کسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٽرمپ يا ڪا به ڌر غزه کي خريد نٿي ڪري سگهي. احمد ابو الغيث چيو ته فلسطيني سر زمين تي ڪنهن ٻئي لاءِ رعايت ناهي ۽ عرب ملڪ ٻه رياستي حل تي متفق آهن.