واشنگٽن/ قاهره -12 فيبروري (اي پي پي) مصر چيو آهي ته عرب ملڪ فلسطينين جي جبري نيڪالي واري آمريڪي منصوبي کي قبول نه ڪندا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق مصر جي پرڏيهي وزير جي آمريڪا ۾ پنهنجي هم منصب مارڪو روبيو سان ملاقات کان پوءِ مصري پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فلسطينين جي جبري نيڪالي واري منصوبي کي رد ڪرڻ جي موقف جي عرب ملڪ حمايت ڪن ٿا. مصر جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مصر طرفان آمريڪي پرڏيهي وزير کي ان حوالي سان مصر ۽ عرب ملڪن جي موقف کان آگاهه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه جي صفائي لاءِ 20 لک فلسطينين کي مصر ۽ اردن ۾ منتقل ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي جنهن جي حوالي سان پوري دنيا سميت آمريڪا ۽ اسرائيل کان به رد عمل سامهون اچي رهيو آهي.