اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي سڌارن جي ذريعي حاصل ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف جي تعاون سان هلندڙ پروگرام کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي گذريل ڏينهن ورلڊ گورنمنٽس سمٽ 2025ع جي موقعي تي دبئي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان جي جاري آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي سڌارن جي ذريعي ٿيندڙ ميڪرواڪنامڪ استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڳالهه ٻولهه ۾ اداراجاتي سڌارن جي لاڳو ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو جيڪو پاڪستان جي معاشي استحڪام جي بحالي ۽ ملڪ ۾ پائيدار ترقي ۽ مستقبل جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ۽ ان کي ڊگهي مدي واري بحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سڌارن جي رفتار خاص طور تي ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ نجي شعبي جي ترقي جهڙن اهم شعبن ۾ اڳڀرائي کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي پاڪستان جي معاسي استحڪام جي حڪمت عملي، موثر ڪارڪردگي ۽ منصوبابندي جي پائيداري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو جيڪي پاڪستان ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم جز آهن. ڪرسٽالينا جارجيوا آءِ ايم ايف جي تعاون سان هلندڙ پروگرام کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ملڪي معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي سان سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن ان ڳالهه جو پڻ اعتراف ڪيو ته پاڪستان معاشي بحالي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۽ ذاتي عزم کي پڻ ساراهيو، جنهن پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل مالياتي نظم ۽ ضبط، اداراجاتي سڌارن ۽ موثر گورننس جي اهميت تي زور ڏيندي پاڪستان جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي حمايت جي لاءِ آءِ ايم ايف جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.