اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن غزه جي سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطيني عوام کي انهن جي اباڻي وطن مان بي گهر ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ جي تجويز تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.