لاهور- 10 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي، سفيد ڪوٽ ڊاڪٽرز ۽ انسانيت وچ ۾ رشتي جي علامت آهي، نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، تعليمي ادارن ۾ ريسرچ کي هٿي ڏيڻ وقت جي گهرج آهي، دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جدت کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي، 2047ع تائين پاڪستان جو شمار دنيا جي ٽاپ 10 معاشي قوتن ۾ ٿيندو. اهڙو اظهار هن ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي لاهور ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڪنگ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر محمود اياز، رجسٽرار، ڊين، شاگردن، والدين، شاگردن، صحافين سميت وڏو انگ موجود هو. وفاقي وزير چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ تمام وڏي صلاحيت موجود آهي، دنيا ۾ ڪو اهڙو ادارو ناهي جتي اسان جي نوجوانن جي نمائندگي نه هجي، نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، ميڊيڪل جي ڊگري ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته مون کي اميد آهي ته اوهان ڊاڪٽر بڻجي انسانيت جي خدمت لاءِ اڳيان اڳيان هوندا. سفيد ڪوٽ هڪ لباس ناهي، هي ڊاڪٽرن ۽ انسانيت وچ ۾ موجود رشتي جي علامت آهي. هي رشتو احساس، انساني زندگيءَ کي بچائڻ ۽ فلاحي جذبي تي ٻَڌل آهي. دوا جو ڪم بيماريءَ کي ٺيڪ ڪرڻ آهي، جڏهن ته هڪ ڊاڪٽر مريض کي پنهنجي رويي سان صحتياب ڪري ٿو. اڄ اوهان ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي آهي، اهو سڀ اوهان جي محنت ۽ اوهان جي والدين جي دُعائن جو نتيجو آهي، اوهان ڪامياب ٿي ملڪ جو هڪ وڏو قيمتي اثاثو بڻجندا. هن چيو ته هي ملڪ وڏين قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو، هي خدا جي نعمت آهي اسان کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو ته دشمن سمجهيو هو ته پاڪستان گهڻو وقت نه هلي سگهندو، اسان تي لکين پناهگيرن جو بار هو، اسان جي حصي جا وسيلا ڀارت اسان کي نه ڏنا پر الله تعاليٰ جي فضل سان اسان جي وڏڙن انهن دشمنن جي انهن اميدن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، اهو پاڪستان جنهن وٽ هڪ ڪامن پِن ٺاهڻ جي صلاحيت به نه هئي اڄ هڪ دنيا جي ستين ايٽمي قوت آهي. هن چيو ته اها به حقيقت آهي ته هو تمام گهڻا ملڪ جيڪي اسان کان تمام گهڻو پوئتي هئا ان سالن ۾ اسان کان تمام اڳتي نڪري ويا آهن، جيستائين اسان پوئتي رهڻ جي سببن جي نشاندهي نٿا ڪريون، اهڙيءَ طرح ڀٽڪندا رهنداسين. هن چيو ته جن ملڪن ترقي ڪئي انهن چار بنيادي اصولن کي اختيار ڪيو، جنهن ۾ امن، سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ معاشي ايجنڊا شامل آهي پر اسان پنهنجي تاريخ تي نظر وجهون ته اسان پاڻ کي جنگين ۾ مُنجهائي رکيو جنهن سان اسان جي ملڪ جو امن خراب ٿيو، اڄ اسان ان کي ڀوڳي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان کي دنيا سان قدم سان قدم ملائي هلڻو آهي ته اسان وٽ وقت تمام گهٽ آهي، اسان انتشار جي سياست برداشت نٿا ڪري سگهون، اسان کي گذريل 77 سالن جي نقصان جو ازالو ڪرڻو پوندو، قوم جي حيثيت سان هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان جو پاڙيسري ڀارت اسان جي ترتيب ڏنل معاشي ايجنڊا کي لاڳو ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ملڪ ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو هو پر اسان پنهنجي سياست جي پرواهه ڪرڻ بدران ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر صحيح رُخ تي گامزن ڪري ڇڏيو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي چڪي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچي چڪي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري بحالي ٿي چڪي آهي، پاڪستان اڄ وري چوٿين اُڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي معاشي قوت بڻائينداسين. هن چيو ته حڪومت عوام کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهي، صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا چئلينجز موجود آهن، اُڏام پاڪستان تحت نوان منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون. هلندڙ سال اسان 67 ارب رپين کان ٽن سالن جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد هي آهي ته ايندڙ 3 سالن ۾ ملڪ مان هيپاٽائيٽس، شوگر ۽ ٽي بي جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ ريسرچ ۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ تمام ضروري آهي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ نه صرف ناليج ٽيڪرز ناهن بڻائڻا پر ناليج گيورز بڻائڻ لاءِ تحقيق جي روايت کي زندهه ڪرڻو آهي. هن چيو ته دنيا اسان کي محنتي ۽ ذهين قوم طور ڄاڻي ٿي، پاڪستان هڪ وڏي برانڊ جو نالو آهي، ان برانڊ کي کڻي اسان پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر ۽ 2047ع تائين دنيا جي ٽاپ 10 معاشي قوتن ۾ شامل ڪرڻو آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺنداسين. ان کان اڳ وفاقي وزير نَون داخلا ورتل شاگردن کان علم حاصل ڪري ملڪ ۽ انساني خدمت جو حلف ورتو.