لنڊن- 10 فيبروري (اي پي پي) برطانيا جي صحت واري وزير اينڊريو گيون کي سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي. انڊيپينڊنٽ اداري موجب وزير اعظم، صحت واري وزير جا اڻوڻندڙ ۽ گُٿا ميسج سامهون اچڻ کانپوءِ اينڊريو گيون کي سندس عهدي تان هٽايو آهي. گارٽن ۽ ڊينٽن جي علائقي مان چونڊِيل اينڊريو گيون جي رڪنيت سندس پارٽي ليبر به ملتوي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ميل ان سنڊي انهن واٽس ايپ پيغامن کي رپورٽ ڪيو هو، جنهن ۾ چونڊيل تڪ جي ووٽرن، ساٿي ايم پيز ۽ ڪونسلرز جي توهين ڪئي وئي هئي. حڪومتي ترجمان موجب وزيراعظم ڪيئر سٽامر عوامي عهدن تي مقرر ماڻهن جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ پر عزم آهي، ان معيار تي پورو نه لهنڙ ڪنهن به وزير خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان پاسو نه ڪنداسين. اينڊريو گيون ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته خراب طريقي سان ڪيل تبصرن سبب ڪنهن جي به دل آزاري لاءِ معزرت ڪريا ٿو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ ليبر پارٽي جي فيصلي کي سمجهان ٿو، عهدي تان هٽائڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو پر مان هر طرح سان ان جي حمايت ڪندس.