رياض- 10 فيبروري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي سطح تي مضبوط قانونن ۽ پاليسين جي ضرورت آهي، هن حڪومتن، ڪاروباري ادارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن تي زور ڀريو ته گڏجي اهڙا اصول بڻايون جيڪي مصنوعي ذهانت کي اخلاقي ۽ مؤثر طريقي سان اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪن. هن ليپ 2025ع جي ڊي سي او وزارتي پينل ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن اخلاقي مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل شموليت تي زور ڀريو. هي پينل ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديما الحيي جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي اڳواڻن اي آءِ جي محفوظ ۽ ذميداراڻي استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي ترقي تيزيءَ سان دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي، ان لاءِ ان جو استعمال ذميداريءَ سان ٿيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت جي نظامن ۾ جانبداري ۽ اڻبرابري ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن سمورن ماڻهن کي برابريءَ جا موقعا ملي سگهن. هن چيو ته ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ پرائيويسيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي سطح تي مضبوط قانونن ۽ پاليسين جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ترقي سڀني لاءِ هئڻ گهرجي، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ٽيڪنالاجي تائين گهٽ رسائي رکن ٿا. هن اُسرندڙ ملڪن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ڊجيٽل فرق کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن هر ماڻهو مصنوعي ذهانت جي فائدن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. هن ماحولياتي تحفظ تي به زور ڀريو ۽ چيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي کي هن انداز ۾ هٿي ڏيڻ ضروري آهي جيڪو ماحول تي گهٽ مان گهٽ اثر وجهي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ شفافيت ۽ جوابداريءَ کي وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مصنوعي ذهانت جو استعمال محفوظ ۽ قابلِ اعتماد هجي. پاڪستان جي مصنوعي ذهانت پاليسيءَ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان جديد ۽ اخلاقي مصنوعي ذهانت واري پاليسي ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو نه صرف معيشت کي ترقي ڏيندي پر عوامي سهولتن ۾ به بهتري آڻيندي. پنهنجي ڳالهين ۾ هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو مستقبل سڀني لاءِ محفوظ ۽ فائديمند بڻائڻ لاءِ عالمي سطح تي سهڪار ضروري آهي. هن حڪومتن، ڪاروباري ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي ماهرن تي زور ڀريو ته گڏجي اهڙا اصول بڻائين جيڪي مصنوعي ذهانت کي اخلاقي ۽ مؤثر طريقي سان اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪن.