حيدرآباد-06 فيبروري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪيل ٻئين ٿر روايتي ۽ ثقافتي ميلي دوران ماھرن ٿر جي ثقافت ۽ اتان جي عورتن جي هنر کي هٿي ڏيڻ سميت ٻين شين جي واڌاري لاءِ اهم سفارشون ۽ تجويزون ڏنيون آهن. ثقافتي ميلي دوران ٿر ۾ سياحت کي ھٿي ڏيڻ، مقامي شموليت سان مخصوص ثقافتي مرڪز قائم ڪري ٿر جي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ، برساتي پاڻي جي ذخيري جا انتظام ڪرڻ، جھنگلي جيوت جي تحفظ، يونيورسٽين وسيلي زرعي ۽ ماحوليات تي تحقيق ۽ ھٿ جي ھنرن، ننڍن ڪاروبارن وسيلي ٿري عورت جي ھمٿ افزائي ڪرڻ جون سفارشون پيش ڪيون ويون. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني ھيٺ ۽ ٿر اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي سھڪار سان ٿر روايتي ۽ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو ويو،
ميلي جو افتتاح ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ٿر تاريخي روايتن، ورثي، ثقافتي ۽ فنون لطيفا جو حسن رکي ٿو، ٿر جي نامياتي شين، زرعي، ميڊينسل پلانٽس ۽ هٿرادو هنرن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ غذائيت سان ڀرپور زرعي ۽ وٽرنري شين جي مارڪيٽنگ لاءِ ميٽروپولٽين شهرن تائين رسائي ضروري آهي.ھن چيو ته ايرڊ ايگريڪلچر ذريعي سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ ايراضي کي زرخيز بڻائي سگهجي ٿو، ٿر جي کوڙ سارن وسيلن جي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امداد علي پتافي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سنڌ جي زراعت ۽ زرعي تدريسي ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ٿر ۾ بارياني زراعت تي اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي. سنڌ حڪومت ٿر جي اوسر ۾ ڪوششون ورتيون آھن.
ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته صوبي جي اڌ کان وڌيڪ ايراضي ٿر، اڇڙي ٿر، ناري، ڪوهستان ۽ ڪاڇي تي ٻڌل آهي، انھن علائقن جي زرعي، معدنياتي وسيلن تي تحقيق شروع ڪرڻ گهرجن. اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ٿر جي معدني، ثقافتي ۽ معدني ۽ زرعي وسيلن سان مالا مال آھي، ٿر جي عورت مضبوط ۽ جاکوڙي آھي، جڏھن ته ٿر جي ھٿ جي ھنرن کي ھٿي ڏيارڻ ۽ بنا ڪيميڪل جي نامياتي غذائي شين کي ڪاروباري سطح تائين ھٿي ڏيارڻ لاءِ ادارن کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. نامياري سماج سڌارڪ ناصر پنھور چيو ته ٿر جو موسمي وايو منڊل تبديل ٿي رهيو آهي، ماحول دوست چوئنرن جي جڳھ تي سيمينٽ وارا گهر تعمير ٿي رهيا آهن، جڏھن ته مورن جي مرڻ مان ثابت ٿيو آهي ته ٿر جي ايڪو سسٽم ۾ ڪا ڳڙٻڙ آهي، ھن چيو ته ٿر جي ماحول تي ڪوئلي جي کوٽائي جا ناڪاري اثر پيا آهن. سماج سڌارڪ زاھده ڏيٿو چيو ته ٿر کي اسپيشل علائقي طور اهميت ڏني وڃي، ٿر ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، ھن چيو ته ٿر مان مڊل مين جو ڪردار ختم ڪري ٿر جي عورتن جي هٿرادو هنرن جو صحيح اجورو ڏياريو وڃي ۽ ٿر جي ترقي ۽ عورتن جي ترقي لاءِ تعليمي ادارن، اسڪلڊ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا وڃن. سماج سڌارڪ پشپا ڪماري چيو ته ٿر جي ماڻهن وٽ تعليم ئي اڪيلو وسيلو آهي، ٿر مان گذريل 10 سالن اندر هزارين شاگرد يونيورسٽين ۾ لاتعداد ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم پرائڻ نڪتا آهن. ان موقعي تي ٿر اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي اڳواڻ شنڪر سنگھ سوڍي آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪيو.
ميلي ۾ مختلف فيڪلٽين جا ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊاڪٽر غياث الدين شاھ راشدي، ڊاڪٽر منظور ابڙو، ڄام غلام مرتضيٰ سھتو، اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل، الله بخش ڪنڀر، ڀاواني شنڪر سميت ملڪ جي اسڪالرز، محققن، اديبن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. اھڙي ريت ٿري شين، ٿري لباس، ڪتابن ۽ ٿري زرعي سامان تي نمائش، ثقافتي ۽ راڳ رنگ جا پروگرام منعقد ڪيا ويا.