اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ پرنس رحيم آغا خان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پرنس ڪريم آغا خان پاڪستان جو سچو دوست هو، هن پنهنجي ويزنري قيادت سان ڪيتريون ئي زندگيون روشن ڪيون. وزيراعظم چيو ته عالمي ترقي، تعليم، صحت ۽ انساني همدرديءَ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.