اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن 10 فيبروري جي شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جو موجوده اجلاس 16هين قومي اسيمبلي جو 13هون اجلاس هوندو.