بيجنگ – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي صدر شي جن پنگ پاران ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت جي لاءِ هاربن سن آئي لينڊ گيسٽ هائوس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شي جن پنگ نائين ايشيائي ونٽر گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏئي رهيو آهي.