هاربن / اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هيلونگ چيانگ جي شهر هاربن ۾ نائين ايشين ونٽر گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي مختلف ملڪن جا سربراهه پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري، چيني صدر شي جن پنگ ۽ ٻيا حڪومتي سربراهه نائين ايشين ونٽر گيمز جي افتتاحي تقريب کان اڳ مانجهاندي جي لاءِ روانا ٿيا.