اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي ترقياتي اداري (يو اين ڊي پي) جا پاڪستان ۾ منصوبا اهميت وارا آهن، انهن منصوبن لاءِ مناسب رٿابندي، شفاف رپورٽنگ ۽ قومي ترقياتي هدفن سان هم آهنگي هجڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي ريزيڊنٽ نمائندي ڊاڪٽر سيموئل رزڪ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ يو اين ڊي پي جي جاري رٿائن ۽ پاڪستان ۾ عوامي ۽ نجي شعبي سان سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊاڪٽر سيموئيل رزڪ يو اين ڊي پي جي مختلف شعبن ۾ جاري سرگرمين جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ سماجي ترقي، ماحولياتي لچڪ، توانائيءَ جي منتقلي، ڊجيٽل تبديلي ۽ عوامي شعبي ۾ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. انهن قدمن جو مقصد جٽادار ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين خلاف پاڪستان جي مزاحمت ۽ لچڪ کي پيداوار بڻائڻ ۽ ڊگهي مُدي واري سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ آهي. وفاقي وزير يو اين ڊي پي جي منصوبن جي اهميت کي تسليم ڪندي زور ڀريو ته انهن منصوبن لاءِ مناسب رٿابندي، شفاف رپورٽنگ ۽ قومي ترقياتي هدفن سان هم آهنگي ضروري آهي. هن چيو ته اهڙن منصوبن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار انهن جي مڪمل طور تي سيڙپڪاري جي قابل، بئنڪ جي معيارن موجب ۽ عالمي معيار تحت نگراني ۽ رپورٽنگ تي آهي. ناڻي واري وزير يو اين ڊي پي طرفان ترجيحي شعبن ۾ فراهم ڪيل فني ۽ مالي معاونت تي يو اين ڊي پي جو ٿورو مڃيو. هن حڪومت جي شموليتي ۽ جٽادار ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ آباديءَ ۾ واڌ، ٻارن جي سارسنڀال ۾ رڪاوٽ ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙا مُک چئلينج شامل آهن. هن ان معاملي کي حڪومت جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي وسيع تر حڪمت عملي جو مرڪز قرار ڏنو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ويجهڙ ۾ پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ 10 ساله ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام تي اتفاق ٿيو جنهن جو مقصد انساني وسيلن جي ترقي، نجي شعبي جي مضبوط ۽ جٽادار ترقي ۽ ملڪ جي اقتصادي، سماجي ۽ ماحولياتي لچڪ کي وڌائڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي قدم يو اين ڊي پي جي ڪم کي هٿي ڏيندا ۽ حڪومت جي ڊگهي مُدي وارن مقصدن سان هم آهنگ ٿيندا. ڌُرين پاڪستان کي پيش ايندڙ اهم ترقياتي چئلينجز، خاص طور تي ماحولياتي تبديلي، سماجي ترقي ۽ عوامي شعبي جي ڪارڪردگيءَ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار ۽ حصيداريءَ جي عزم کي ورجايو.