اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته ايف بي آر جون ٽيمون پاڪستان بزنس ڪائونسل سان گڏجي سمورين تجويزن جو تفصيلي جائزو وٺندي. ناڻي واري وزير منصفاڻي، اثرائتي ۽ بهترين ٽيڪس نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزير اهڙو اظهار پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات جو مقصد ڊگهي مُدي وارن ترقياتي مقصدن جي حاصلات لاءِ هڪ مضبوط مالياتي پاليسيءَ جي حوالي سان ڏي وٺ ڪرڻ هو. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد جي اڳواڻي ۾ چيئرمين شبير ديوان، جڏهن ته نائب چيئرپرسن زيلاف منير، سي اي او احسن ملڪ ۽ ٻيا عهديدار به وفد ۾ شامل هئا. ناڻي واري وزارت ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي وفاقي بجيٽ جي حوالي سان جاري مشاورتي عمل جو حصو هئي. اجلاس دوران پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد مالياتي پاليسي ۽ ٽيڪس نظام جي حوالي سان 2026ع ۽ ان کانپوءِ لاءِ جامع تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون. انهن تجويزن جو مقصد ملڪ جي اقتصادي مقصدن کي جٽادار ترقي ۽ سماجي ڀلائي جي هدفن سان ڳنڍڻ هو. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد اهم اقتصادي مقصدن کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ روانگي واپار ۽ مقامي صنعت ۾ واڌ ذريعي پرڏيهي کاتن کي متوازن ڪرڻ ۽ مالي کاتن کي باقائده بڻائي ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪرڻ آهي. وفد ڪاروباري ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ، روزگار جي موقعن ۾ واڌ ۽ سماجي اقتصادي ترقي کي اهميت جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان سان مختلف شعبن ۾ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي. ملاقات ۾ بحث هيٺ آيل تجويزن ۾ ٽيڪس جي بار کي منصفاڻي وِرڇ ۽ ٽيڪسن جي چٽاڀيٽي شرح لاڳو ڪرڻ جون سفارشون شامل هيون. پاڪستان بزنس ڪائونسل ٽيڪس جي واپسيءَ جي عمل کي سادو ۽ ڊجيٽل بڻائڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته ڪاروبارن جي ڪيش فلو تي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وفد ٽيڪس جي دائره ڪار کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ غير فائلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ جا قدم، ٽيڪس فائلرز کي رعايتون ڏيڻ، شفافيت ۾ واڌ، احتساب کي بهتر بڻائڻ ۽ بي نامي ٽرانزيڪشن جي روڪٿام شامل هيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته غير رسمي شعبي ۾ غير ٽيڪس شده پئسو پارڪ ڪرڻ جي حوصله شڪني ڪئي وڃي، معيشت جي دستاويزي جوڙجڪ کي هٿي ڏني وڃي ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي هراسان ڪرڻ وارو رويو گهٽايو وڃي. ناڻي واري وزير پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي تعريف ڪئي ۽ وفد کي خاطري ڪرائي ته ايف بي آر جون ٽيمون ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان گڏجي انهن سمورين تجويزن سان جائزو وٺنديون. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ٽيڪس پاليسي يونٽ کي ايف بي آر مان ڪڍي ناڻي واري وزارت ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ٽيڪس پاليسي جي سالميت کي محصول جي وصولي جي دٻاءُ کان بچائي سگهجي. هن اهو به چيو ته حڪومت نجي شعبي کي معيشت جي ترقيءَ لاءِ بنيادي محرڪ طور ڏسي ٿي ۽ ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو جيڪو صرف 8 کان 9 سيڪڙو آهي ۽ ان سان ملڪ جي ڊگهي مُدي واري مالي صحت ۽ عالمي سطح تي غير پائيدار قرار ڏنو. هن حڪومت جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي 13.5 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو. اهو هدف ٽيڪس جي دائره ڪار کي وسيع ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال، ڊيٽا ايناليٽڪس کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيڪس جي عمل کي آسان بڻائڻ شامل آهي. ڌُرين پاڪستان جي مالياتي پاليسي ۽ ٽيڪس نظام کي ملڪ جي ترقي ۽ ترقياتي هدفن سان ڳنڍڻ لاءِ تعاون ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.