اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري ۽ انجنيئر محمد عثمان باديني ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۽ پنهنجي لاڳاپن تڪن جي ترقياتي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اسيمبلي ميمبرن ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.