اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ”ڊجيٽل نيشنل پاڪستان بل“ 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽر پلوشه محمد زئي خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس دوران ڪميٽي”ڊجيٽل نيشنل پاڪستان بل“ 2025ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. اهو بل 24 جنوري 2025ع تي سينيٽ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزير شزه فاطمه خواجه پيش ڪيو هو. ڊجيٽل نيشنل پاڪستان بل 2025ع قانونسازي جو هڪ اهم حصو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي ڊجيٽل طور تي بااختيار ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هڪ متحرڪ ڊجيٽل معاشري کي هٿي ڏيڻ، مضبوط ڊجيٽل معيشت ۽ موثر حڪمراني تي ڌيان ڏيڻ سان اهو بل ملڪ جي ڊجيٽل مستقبل جو بنياد رکي ٿو. اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، سينيٽر نديم احمد ڀٽو، سينيٽر انوشه رحمان خان، سينيٽر منظور احمد، سينيٽر سيد ڪاظم علي شاهه ۽ سينيٽر سيف الله سرور خان نيازي شرڪت ڪئي.