اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني واضح انداز ۾ چيو آهي ته چين هميشه گوادر پورٽ جي تعمير ۽ بلوچستان جي ترقيءَ جي حمايت ڪئي آهي. ڪالهه چين جي سفارتخاني جي ترجمان اها ڳالهه پرڏيهي ميڊيا ۾ هاڻوڪي مضمون جو جواب ڏيندي ڪئي. ترجمان چيو ته اسان مبينه طور تي هڪ چيني سفارتڪار جي ريمارڪس جي حوالي سان رسالي جي مضمون کي نوٽ ڪيو آهي جيڪو مڪمل طور تي غلط آهي. هن چيو ته مضمون ۾ استعمال ٿيل لفظ ۽ ان سلسلي ۾ بيان بازي واضح طور اعتبار جوڳي ناهي ۽ چين جي مؤقف جي بنيادي سمجهه کان ٻاهر آهي. ترجمان چيو ته مضمون جي مصنف جو انٽرويو لاءِ اڳواٽ اجازت کانسواءِ هڪ طرفي طور ڪوڙي ڄاڻ گهڙڻ جو عمل پيشيوراڻي اخلاقيات جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان هاڪاري اڳڀرائيءَ جو سلسلو جاري آهي. ترجمان چيو ته گذريل سال مارچ ۾ اسان بلوچستان ۾ قدرتي آفتن بابت امدادي سرگرمين لاءِ هڪ لک آمريڪي ڊالرن جي هنگامي امداد فراهم ڪئي هئي. ترجمان چيو ته مئي ۾ چين بلوچستان ۾ ورهايل سولر لائيٽنگ اوزارن جا 10 هزار سيٽ منتقل ڪيا. اهڙيءَ طرح جون ۾ اسان گوادر چائينا پاڪستان فرينڊشپ اسپتال ۽ گوادر ڊيسيلينيشن پلانٽ حوالي ڪيو. ترجمان چيو ته جولاءِ ۾ اسان بلوچستان مان ميڊيا جي هڪ وفد کي چين جو دؤرو ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو جڏهن ته آگسٽ ۾ بلوچستان ۾ هيلٿ ڪٽس جا 20 هزار سيٽ ورهايا. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ گوادر جو نئون عالمي هوائي اڏو ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيو ۽ نومبر ۾ اسان گوادر ۾ زندگيءَ جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ وفدن لاءِ چين جي دؤري جو بندوبست ڪرايو. هن چيو ته ڊسمبر ۾ بلوچستان جي عملي سميت سي پيڪ منصوبي جي اهم پاڪستاني عملي کي ايوارڊ ڏنا ويا. هن چيو ته سفارتخانو جلد ئي بلوچستان يونيورسٽي، سردار بهادر خان يونيورسٽي ۽ گوادر يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي چيني سفير جا اسڪالرشپس ڏيندو. هن چيو ته اهي نمايان ڪاميابيون گوادر ۽ بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ چين جي عزم ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون.