اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 13 سيڪڙو مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ نيوز ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته پاڪستان جا معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارا ذڪر جوڳي حد تائين گهٽ ٿيا آهن. مهانگائي مئي 2023ع ۾ 38 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنوريءَ ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ سر پلس رهيو. ڪرنٽ اڪائونٽ سر پلس رهڻ سبب مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌيا. جون تائين مهانگائيءَ جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو بينڊ جي مٿين سطح تي رهندي. گورنر جو چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ناڻو ۽ روانگي واپار جا نمبر سٺا آهن، ملڪ ۾ مجموعي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16.19 ارب ڊالر آهن. گورنر جو چوڻ هو ته جولاءِ ۾ مهانگائيءَ جي شرح 11.50 سيڪڙو رهڻ جو اندازو هو. مالي سال 2025ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح 5.5 کان 5.7 سيڪڙو رهندي. مالي سال 25ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو 0.5 سيڪڙو خساري سان 0.5 سيڪڙو سر پلس جي وچ ۾ رهندو. هن چيو ته معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مالي سال 25ع جي پڄاڻيءَ تائين 13 ارب ڊالر هوندا. قرضن جي ادائگين ۽ گهٽ انفلوز سبب مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جنوريءَ ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي ۽ مالي سال 25ع ۾ جي ڊي پي اؤسر 2.5 کان 3.5 سيڪڙو رهندي. ڪميٽي گذريل اجلاس کان هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائين جو ذڪر ڪيو. پهرين مالي سال 25ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ حقيقي جي ڊي پي اؤسر ايم پي سي جي پهرين توقع کان ڪنهن حد تائين گهٽ رهي. ڊسمبر 24ع ۾ جاري کاتو فاضل رهيو، جيتوڻيڪ رقم جي گهٽ آمد ۽ قرضن جي بلند ادائگيءَ جي بنياد تي اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ڪيا. ٽيون ته ٽيڪس اوڳاڙيون ڊسمبر ۾ نمايان واڌ باوجود مالي سال 25ع جي پهرين ڇهه ماهي جي هدفن کان هيٺ رهيو. چوٿون گذريل ڪجهه هفتن دوران تيل جي بلند عالمي قيمتن ۾ تمام گهڻو اوڀارو لهوارو رهيو ۽ آخري عالمي معاشي پاليسيءَ جو ماحول اڪثر غير يقيني ٿي ويو جنهن جي بنياد تي مرڪزي بئنڪن احتياط وارو عمل اختيار ڪيو، ان حالتن ۽ اڀڙندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪميٽيءَ جو نقطه نظر اهو هو ته قيمتن جي استحڪام جو پائيدار معاشي اؤسر لاءِ لازمي آهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ محتاط مانيٽري پاليسي مؤقف جي ضرورت آهي. ان حوالي سان ايم پي سي جو تجزيو اهو هو ته مهانگائيءَ کي 5.7 سيڪڙو هدف جي حدن ۾ مستحڪم رکڻ لاءِ اڳتي هلي حقيقي پاليسي ريٽ جو ڪافي حد تائين مثبت رهڻ ضروري آهي. بلند تعداد جي تازا ترين اظهارن کان اقتصادي سرگرمين جي رفتار ۾ تسلسل ظاهر ٿئي ٿو ان جي عڪاسي گاڏين، پيٽروليم شين ۽ ڀاڻ جي وِڪري ۾ واڌ کان علاوه امپورٽ ڳاڻيٽو، بجلي جي پيداوار ۽ نجي شعبي کي قرض جاري ڪرڻ ۾ واڌ سان ٿئي ٿو، جڏهن ته مالي سال 25ع جي پهرين ٽه ماهي جي حقيقي جي ڊي پي جي عبوري ڊيٽا مان 0.9 سيڪڙو معمولي اؤسر جي خبر پوي ٿي. جڏهن ته مالي سال 24ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ 2.3 سيڪڙو اؤسر ٿي هئي، ان سست رويءَ جو بنيادي سبب سال 25ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ زرعي شعبي کي اؤسر ۾ متوقع تيز رفتار گهٽتائي آهي جيڪا 1.2 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال جي ان مُدي ۾ 8.1 سيڪڙو هئي. ڪڻڪ جي فصل جي تازا ترين دستياب معلومات، خلائي سياري جي تصوير ۾ به ڪڻڪ جي پيداوار نسبتن معمولي رهڻ طرف اشارو ڪري ٿي. ٻئي طرف مالي سال 25ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ صنعتي شعبي جي اؤسر ۾ گهٽتائي گذريل سال جي نسبت بهتر ٿي وئي. مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ نوٽ ڪيو ته وڏي پيماني جي شين ٺاهڻ ۾ سست رويءَ جو رجحان صنعتي اؤسر کي هيٺ طرف ڇِڪي رهيو آهي. دراصل ڪجهه گهٽ اهم شعبن مثال طور فرنيچر جي سبب آهي ان جي ابتڙ ٽيڪسٽائل، خوراڪ، شربتن، گاڏين جهڙا اهم صنعتي شعبا ذڪر جوڳي بهتري ڏيکاري رهيا آهن. ٻئي طرف ڪاروباري اعتماد جي اهڃاڻن ۾ مثبت احساسن جو تسلسل ڏٺو ويو آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي مستقبل ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌ ۽ حقيقي جي ڊي پي جي اؤسر اڳوڻي ڪاٿي 2.5 کان 3.5 سيڪڙو جي رينج ۾ رهڻ جي توقع ڪري ٿي. ڪارڪنن پاران ڏيهه موڪليل ناڻو ۽ روانگي واپار جي آمدني جي مضبوطيءَ عيوض ڊسمبر دوران جاري کاتي ۾ 0.6 ارب ڊالر وڌيڪ رهيو جنهن سان مالي سال 25ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ مجموعي واڌ 1.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. بلند قدر اضافي واري ٽيڪسٽائل عيوض روانگي واپار پنهنجي مضبوط رفتار کي برقرار رکيو، ان سان بلند ڳاڻيٽي جي ڏڍ تي آمدني واپار جي اؤسر ۾ به وسيع بنياد اضافو ڏٺو ويو جيڪو معاشي سرگرميءَ ۾ بهتريءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. آمدني واپار جي خرچن جي رفتار، روانگي واپار جي آمدنيءَ کان وڌيڪ رهي، جڏهن ته ڏيهه موڪليل ناڻي جي آمد وڌندڙ واپاري خساري جو اثر مڪمل طور ميٽي ڇڏيو آهي، ان رجحانن خاص طور ڏيهه موڪليل ناڻي جي مضبوط رسد جي بنياد تي جاري کاتي جو توازن جي منظرنامي ۾ چڱي بهتري آئي آهي، هاڻي توقع آهي ته اها مالي سال 25ع دوران فاضل ۽ جي ڊي پي جي 0.5 سيڪڙو خساري تائين رهندي. مالي سال 25ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ دوران نج مالياتي رقم جي آمد ڪمزور رهي، جڏهن ته اڳتي هلي ان ۾ بهتريءَ جي توقع آهي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري قرضن جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وڏو حصو پهرين ئي ادا ٿي چڪو آهي. نتيجي ۾ جاري کاتي جي منظرنامن ۾ بهتري سان رٿابندي موجب متوقع مالي رقم ملڻ جو امڪان آهي ته جون 25ع تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن کان وڌي ويندا. مالي سال 25ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران ايف بي آر جي محصولن ۾ تقريبن 26 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته هدف جي مقابلي ۾ ٽيڪس جي وصولي ۾ گهٽتائي جي شرح وڌي آهي، ان ڪري سالياني هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس محصولن جي اؤسر ۾ تيزيءَ سان واڌ جي ضرورت پوندي. مالي سال 25ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ دوران مالي ڪاٿن سان مالي توازن ۾ بهتريءَ جي خبر پوي ٿي جنهن سان ڪنهن حد تائين محدود خرچن جي نشاندهي ٿئي ٿي. ڪميٽيءَ جي راءِ ۾ توقع موجب بجيٽ ۾ رکيل رقم جي مقابلي ۾ انٽريسٽ جي گهٽ ادائگين مان امڪان آهي ته مجموعي مالياتي خسارو هدف تائين محدود رهندو جڏهن ته بنيادي توازن جي هدف کي حاصل ڪرڻ ڏُکيو هوندو. مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جي موقعي تي زر وسيع (ايم 2) جي اؤسر 13.3 سيڪڙو هئي جيڪا جنوري ۾ وڌيڪ گهٽ ٿي 11.3 سيڪڙو سال بسال رهجي وئي. زر وسيع ايم 2 جي اؤسر ۾ گهٽتائيءَ جو بنيادي سبب اين ڊي اي جي اؤسر ۾ نمايان سست روي هئي جيتوڻيڪ حڪومت بئنڪاري نظام جي نسبت گهٽ قرض ورتو ۽ غير بئنڪاري ذريعن طرف منتقل ٿي وئي جڏهن ته نجي شعبي کي بئنڪ جي قرضن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي. ان جو بنيادي سبب جاري معاشي بحالي، مالي حالتن ۾ بهتري ۽ـ بئنڪن طرفان قرض ڊپازٽ تناسب جي حدن جي تعميل جي پرزور ڪوشش هئي، ان سببن جو اثر بئنڪ ڊپازٽس تي به پيو جيڪو مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جي گذريل اجلاس کانپوءِ نمايان طور گهٽ ٿي ويو آهي جڏهن ته ان جي مُدي دوران گردش ڪندڙ ڪرنسيءَ ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي، عام طور مهانگائيءَ ۾ گهٽتائيءَ جو تسلسل برقرار رهيو جيڪو نومبر ۾ 4.9 سيڪڙو کان گهٽ ٿي ڊسمبر ۾ 4.1 سيڪڙو ٿي وئي آهي. مهانگائيءَ ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان بنيادي طور بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي، عام غذائي شين جي مناسب رسد جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا واري شرح ۾ استحڪام آهي.