اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) 26-2025ع جي تجويزن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي ايس ڊي پي 26-2025ع جي بنيادي اصولن جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته پي ايس ڊي پي جي ٿروفارورڊ کي گهٽايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اهي منصوبا جن تي 80 سيڪڙو لاڳت ٿي چڪي آهي انهن کي هن سال ۾ مڪمل ڪيو وڃي، گهٽ اهميت جي منصوبن کي منجمند ڪندي اعليٰ ترجيحي منصوبن لاءِ فنڊز جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اُڏام پاڪستان جي هدفن جي حاصلات ۾ مددگار نوان منصوبا پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيا وڃن، اهي منصوبا اُڏام پاڪستان ۽ نيشنل ٽرانسفارميشن پلان 2024ع کان 2029ع کي عملي جامو پهرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ايس ڊي پي ۾ بجيٽ کي گهربل نتيجن سان ڳنڍيو وڃي ۽ انهن کي عوام کي فراهم ڪيل وسيلن لاءِ جوابدار بڻايو ويندو. سمورن وزارتن کي هدايت ڪئي وئي ته نوان منصوبا پيش ڪندي منصوبن جي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهڃاڻن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملدرآمد جو خاڪو پيش ڪيو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اُڏام پاڪستان ملڪ جي ترقيءَ جو جامع منصوبو آهي ۽ ملڪ جي سمورن ترقياتي هدفن کي ان منصوبي سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي ته جيئن 2029ع جا مقرر ڪيل هدف حاصل ڪري سگهجن. هن واضح ڪيو ته پي ايس ڊي پي 26-2025ع ۾ صرف انهن نون منصوبن کي شامل ڪيو ويندو جيڪي قومي ترقياتي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هوندا. وفاقي وزير زور ڀريو ته نوان منصوبا صرف ان جي اسٽريٽجڪ اهميت ۽ اڻٽر ضرورت جي بنياد تي شامل ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته پي ايس ڊي پي جي سمورن منصوبن سميت پرڏيهي فنڊز سان هلندڙ منصوبا وقت سر مڪمل ٿيڻ گهرجن. انهن جي شفاف ملڪيت هئڻ گهرجي ته جيئن لاڳت ۽ وقت جي ضايع ٿيڻ کي بچائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پي ايس ڊي پي 2018ع کان 22ع جي فنڊنگ ۾ انتهائي گهٽتائي ڪري ڇڏي هئي جنهن سان سمورا ترقياتي منصوبا متاثر ٿيا. هن چيو ته ان دوران 40 سيڪڙو تائين پي ايس ڊي پي ۾ صوبائي قسم جا منصوبا شامل ڪري قومي منصوبن کي بيمار بڻايو ويو. اسان کي وسيلن جو استعمال شفاف ۽ ڪارآمد بڻائي ترقيءَ جي عمل کي تيز ڪرڻو آهي.