اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آذربائيجان جي سرڪاري دؤري جي تيارين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ۽ سفير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عوامي سطح تي ناتن کي مضبوط بڻائي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ٻنهي معاهدن تي وقت سر عملدرآمد جي اهميت کي اجاگر ڪيو. سفير اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ آذربائيجان ٽريڊ هائوس قائم ڪرڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. واپار واري وزير، وزيراعظم جي دؤري دوران بزنس ٽو بزنس فورم جو بندوبست ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن کان پوءِ جولاءِ ۾ آذربائيجان ۾ سنگل ڪنٽري نمائش جي بندوبست تي به ڳالهايو ويو ته جيئن پي ٽي اي جي ردعمل جو جائزو وٺي سگهجي. سفير واپاري وفد جي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ پاڪستان-آذربائيجان گڏيل چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي شروعات جو اعلان ڪندي تجويز پيش ڪئي. واپاري موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان آذربائيجان کان ڪپهه جي امپورٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ پرسيس ڪري اعليٰ معيار جا ڪپڙا ڪمبوڊيا موڪلڻ جي تجويز ڏني. سفير پاڪستان کي آذربائيجان جي اهم ڪپهه پيدا ڪندڙن ۽ زراعت ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گڏيل موقعن تي زور ڀريو. ٻنهي ڌُرين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ واپاري ڳاڻيٽي کي ٻيڻو ٿيڻ تي ساراهيو ۽ ان ڪاميابيءَ کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. واپار واري وزير، آذربائيجان لاهور ۾ ٿيندڙ فوڊ ايگزيبيشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جڏهن ته سفير واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ نمايان ڪاروباري ادارن جا رابطا فراهم ڪيا. ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته واپاري هائوس ۽ چيمبر آف ڪامرس جي قيام کي ٻه طرفه واپاري ناتن جو سنگ بنياد بڻايو ويندو. هي سهڪار پاڪستان ۽ آذربائيجان جي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي جنهن جو مقصد ڊگهي مُدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوجوان موقعا تلاش ڪرڻ آهي.