اسلام آباد- 12 جنوري (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ”مسلمان معاشري ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان رٿيل عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي 17 نقاطي تاريخي ”اسلام آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نياڻين جي بنيادي تعليمي حقن کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪندي سندن تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ، تربيت جي موقعن جي ضمانت ۽ ان سلسلي ۾ اجتماعي ڪوششون ۽ وسيلا ڪتب آڻڻ ۽ موجود رڪاوٽن جو اثرائتو حل ڳولڻ جو عزم ظاهر ڪندي قرار ڏنو ويو آهي ته نياڻين جي تعليم صرف هڪ مذهبي فرض ناهي پر هڪ اهم معاشرتي ضرورت ۽ بنيادي شرعي حق آهي جنهن کي قانوني، آئيني ۽ شرعي تحفظ حاصل آهي، جڏهن ته نياڻين جي تعليم کي اسلامي تهذيب موجب هٿي وٺرائڻ، ان جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتو حل ڳولڻ ۽ غلط فهمين جي ازالي جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته اسلامي تعليم جي اصولن جي روشني ۾ تعليمي عمل کي منظم ڪيو وڃي ته جيئن سڃاڻپ ۽ قدرن جو تحفظ ٿئي، قومي ۽ عالمي سطح تي تعليم ۽ تربيت جي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ مددگار تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. پڌرنامي ۾ اسلامي ملڪن جي حڪومتن جي مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ تي زور ڀريو ويو ۽ تعليم لاءِ وسيلن ۽ نصاب کي بهتر بنائڻ، خاص طور تي نياڻين جي تعليم کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ، سندن تعليمي حقن جي ضمانت ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي عالمي واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، غربت، تڪرار ۽ سماجي چئلينجن سبب متاثر نياڻين لاءِ تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مفت اسڪالرشپس ڏيڻ جي تجويز، اسلامي فقهي ادارن جي فيصلن ۽ عالم سڳورن جي فتوائن تي ڌيان ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، جيڪي عورتن جي مختلف شعبن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي شرعي حق کي تسليم ڪن ٿا. ”اسلام آباد پڌرنامو“ ميثاق مڪو شريف ۽ ميثاق مدينو شريف جهڙن ٻن تاريخي دستاويزن مان رهنمائي حاصل ڪندي رابطا عالم اسلامي تنظيم ۽ مسلم عالمن جي اتفاق راءِ سان جوڙيو. عالمي ڪانفرنس کي مسلمان قومن طرفان سندن مختلف مذهب، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ ثقافتن جي نمائندگي ڪندي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۽ شرڪت سان هي تاريخي پڌرنامو پيش ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پڙهيل لکيل عورت دنيا ۾ امن، سڪون، سماج کي انتهاپسندي، تشدد، ڏوهن کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، ڪجهه معاشرن جون رسمون ۽ رواج، انتهاپسند خيال، فتوائون ۽ نظريا جيڪي نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽ آهن جيڪي عورتن کي گهٽ سمجهن ٿا، هي مذهب جو افسوسناڪ استحصال آهي جنهن جو مقصد محرومي ۽ عليحدگي جي پاليسين کي جواز فراهم ڪرڻ آهي. عالمي ڪانفرنس ۾ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلم علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي شرڪت ڪئي جيڪو مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي ان اهم قدمن جو باني آهي. ان سان گڏوگڏ سڄي دنيا جا ناميارا عالم سڳورا، مفتي اعظمن سميت انهن ملڪن جا نمائندا به شريڪ ٿيا جتي مسلم اقليتن جو وڏو انگ آباد آهي. ڪانفرنس ۾ اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم به شريڪ ٿيو، جيڪو گڏيل قومن کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي عالمي تنظيم جي 57 اسلامي ملڪن جي ميمبرن جو اڳواڻ آهي. ڪانفرنس ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ سرگرم عمل عالمي شخصيت نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي به شرڪت ڪئي. رابطا جامعات اسلاميه جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر سامي الشريف به پنهنجي جامعات جي ميمبرن جي نمائندگي ڪندي شرڪت ڪئي، جيڪو اسلامي ملڪن جي سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين جي هڪ وڏي تعداد تي ٻڌل آهي. ڪانفرنس ۾ اسلامي ملڪن جي تعليم وارن وزيرن شرڪت ڪندي مهم جي حمايت ۽ نياڻين جي غير مشروط تعليم جي حمايت ڪندڙ اسلام جي حقيقي تصور کي واضح ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وڌو. گڏيل قومن سان واڳيل سرڪاري عالمي تنظيمن، عورتن جي حقن ۽ انساني حقن بابت غير سرڪاري تنظيمن جي سربراهن ۽ نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ واحد يونيورسٽي، يونيورسٽي آف پيس جو صدر پروفيسر فرانسڪور دخاس ارافينا به ان موقعي تي موجود هو، اها يونيورسٽي گڏيل قومن سان واڳيل هڪ خصوصي يونيورسٽي آهي جنهن جو اعزازي سربراهه گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل آهي. اسلامي ملڪن جي خابرو ادارن جي اتحاد جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عبد ربه الهامي به شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سمورن اسلامي ملڪن جا حڪومتي خابرو ادارا شامل هئا، انهن سان گڏ اسلامي ملڪن جي خابرو ادارن جا سربراهه ۽ نمائندا پڻ موجود هئا جن هن تاريخي سرگرمين ۾ شرڪت ڪئي. هن عظيم ميڙاڪي پرجوش عزم ۽ مضبوط اتحاد سان گڏ، هڪ تاريخي پڌرنامي جي توثيق ڪئي آهي. هي پڌرنامو پنهنجي عملي نوعيت ۽ مثبت نتيجن جي اعتبار سان منفرد پڌرنامو آهي جنهن تي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ڏينهن عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سرپرستي ۾ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرمين مسلم علماءَ ڪائونسل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي جي دعوت تي نياڻين کي سندن تعليمي حقن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. مسلم قومن ۽ انهن جي ترقي لاءِ پنهنجي هڪ وڏي ذميواري جو احساس ڪندي نياڻين جي تعليم کي اسلامي تهذيبي تصور موجب هٿي ڏيڻ، انهن جي رستي ۾ موجود رڪاوٽن جو اثرائتو حل ڳولڻ ۽ ان بابت غلط فهمين جو ازالو ڪرڻ هن ڪانفرنس جو اصل مقصد هو. ڪانفرنس ”ميثاق مڪو شريف ۽ ميثاق مدينو شريف“ اسلامي ملڪن وچ ۾ هڪ پُل قائم ڪرڻ جي چارٽر جهڙي ٻن تاريخي دستاويزن مان رهنمائي وٺندي رابطا عالم اسلامي مسلم عالمن جي اتفاق راءِ سان هڪ متوازن طريقي سان هي تاريخي ”اسلام آباد پڌرنامو“ جوڙيو آهي. مسلمان امت جي مشهور عالمن، مفتين ۽ فقهي اڳواڻن سان بند ڪمري واري اجلاس جي نتيجن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ رابطا عالم اسلامي جي مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ قدمن تحت ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو، هي اجلاس جمعي 10 رجب 1446هه تي ڪانفرنس هال ۾ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرمين مسلم علماءُ ڪائونسل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي جي صدارت هيٺ بند ڪمري ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اسلامي دنيا جي مشهور عالمن، مفتين، فقهي مجلسن، رابطا عالم اسلامي جي اسلامي فقه اڪيڊمي ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي عالمي اسلامي فقه اڪيڊمي جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس جو موضوع اسلامي دنيا جي اهم ترين مسئلن مان هڪ، مطلب ته ”نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق هو، جنهن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن گڏيل طور اعلان ڪيو ته نياڻين جي تعليم هڪ شرعي حق آهي جنهن تي مسلمان امت جي عالمن جو اتفاق آهي، اسلامي شريعت موجب علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي. شرڪت ڪندڙن زور ڀريو تته سندن حق کي ڪنهن خاص عمر، تعليم جي حد يا ڪنهن خاص شعبي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي اسلامي شريعت سان ڳنڍڻ صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته مسلمان امت جي سمورن قديم ۽ جديد عالم سڳورن مردن وانگر عورتن جي تعليم جي شرعي حيثيت سان اتفاق ڪيو آهي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن، نياڻين جي تعليم بابت نهن به غلط فهمي کي جواز ڄاڻائڻ لاءِ شرعي حڪمن جي مفهوم کي وڌاءُ ڪري پيش ڪرڻ ۽ ان جي اعليٰ مقصدن جي خلاف ورزي جي خطرن طرف به اشارو ڪيو. هنن واضح ڪيو ته رسمن رواجن يا ڪنهن ٻي مقصد لاءِ ائين ڪرڻ شريعت جي سنگين خلاف ورزي آهي. هنن بي مثال اهم اسلامي اجتماعي جي اسٽريٽجڪ ۽ فيصلائتي اهميت کي نظر ۾ رکندي مختلف ۽ بااثر مذهبي اڳواڻن اهم ۽ حل طلب مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ شرڪت ڪئي. سڄي دنيا جي مسلم معاشرن خاص طور تڪرارن ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار علائقن ۾ جتي موقعا گهٽ ۽ رڪاوٽون وڌيڪ آهن، اتي نياڻين جي تعليم جي صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ موجوده عالمي چئلينجن ۽ سماجي تبديلين کي نظر ۾ رکندي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس جي پڄاڻي تي مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم جهڙي بنيادي مسئلي تي ان قسم جي پهرين قدم کي ساراهيو ويو، جنهن ۾ سڄي دنيا جي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي ڪروڙين مسلمان تي اثر رکن ٿا. هي هڪ غير معمولي تقريب آهي جنهن صحيح رستو اختيار ڪيو آهي ۽ مذهبي منطق ۽ صحيح طريقيڪار ذريعي نياڻين جي تعليم جي حمايت ڪئي آهي. ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته نياڻين جي تعليم صرف هڪ مذهبي فرض نه پر هڪ اهم معاشرتي ضرورت آهي. هي هڪ بنيادي حق آهي جنهن کي اسلام ۾ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ عالمي معاهدا ان کي مضبوط ڪن ٿا ۽ قومي آئين ان کي استحڪام بخشيو آهي. ڪانفرنس ۾ اسلامي تعليم جي اصولن جي روشني ۾ تعليمي عمل کي منظم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو، ته جيئن سڃاڻپ ۽ قدرن جو تحفظ ٿئي ۽ انهن تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي جيڪي قومي ۽ عالمي سطح تي تعليم ۽ تربيت جي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. اسلامي ملڪن جي حڪومتن جي مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ تي زور ڀريو ويو، تعليم لاءِ وسيلن ۽ نصاب کي بهتر بڻائڻ، خاص طور تي نياڻين جي تعليم کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ، انهن جي تعليمي حقن جي ضمانت ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي عالمي واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، تعليم لاءِ وسيلن ۽ نصاب کي بهتر بڻائڻ خاص طور نياڻين جي تعليم کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ، سندن تعليمي حقن جي ضمانت ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي عالمي واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. غربت، تڪرارن ۽ سماجي چئلينجن کان متاثر نياڻين لاءِ تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مفت اسڪالرشپس ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي. تعليمي مواد کي ڊجيٽل شڪل ۾ تيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ته جيئن تعليمي ادارا ۽ عالمي تنظيمون اهڙو مواد تيار ڪن جيڪو نياڻين خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم تائين پهچ کي آسان بڻائين. ان موقعي تي خصوصي ضرورتون رکندڙ نياڻين لاءِ تعليمي پروگرام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ته جيئن انهن لاءِ موزون تعليمي ماحول فراهم ڪري سگهجي ۽ تربيت يافته استادن جي موجودگي يقيني بڻائي سگهجي ته جيئن کين برابري وارا تعليمي موقعا ۽ سماجي شرڪت جو حق حاصل هجي. اسلامي ملڪن جي قانونساز تنظيمن کي دعوت ڏني وئي ته اهي نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قانون، ضابطا ۽ قومي نظام جوڙين. مسلمان دنيا جي سرڪاري ۽ نجي ميڊيا جي ادارن کي نياڻين جي تعليم جي اهميت تي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ سڄاڳي مهم ۽ تعليمي پروگرام شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، ان مهمن ۾ تعليمي ماهرن، عالمن ۽ اڳواڻن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن مخالف آوازن جو جواب ڏنو وڃي جيڪي ان حق جي مخالفت ڪن ٿيون ته جيئن اسلام جي اصل سڃاڻپ کي اجاگر ڪري سگهجي. انهن مطالعن ۽ تحقيقي ڪمن جي حمايت ڪئي وڃي جيڪو مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏين ٿا ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بهترين طريقا تجويز ڪن ٿا، انهن رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون ويون جيڪي ان رستي ۾ موجود آهن. رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرمين مسلم علماءُ ڪائونسل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي طرفان پيش ڪيل ان عالمي حصيداري جي وسيع پليٽ فارم جي قدمن جي واکاڻ ڪئي وئي، جيڪو مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم جي حمايت لاءِ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جون تنظيمون، سرڪاري ادارا ۽ نجي ادارا شامل آهن. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اهي سمورا ماڻهو يا ادارا جيڪي ان مڃيل اسلامي ۽ ديني اصولن جي مخالفت ڪن ٿا يا ان تي خدشا رکن ٿا، اهي متفقه طور مسلم امت جي دائري فڪر مان خارج آهن ۽ انهن نظرين سان (جيڪي انفرادي، اداره جاتي، عوامي يا نجي هجن) کان انڪار جو اعلان ڪيو وڃي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پليٽ فارمز، ديني اجتماعن ۽ اسلامي دنيا ۽ اقليتي ملڪن ۾ جمعي جي خطبن لاءِ واضح ۽ فيصلائتو پيغام ڏين ٿا. اسلام کي بدنام ڪرڻ ۽ نياڻين جي حقن جي خلاف ورزي جي ڪوشش بند ٿيڻ گهرجي، هنن قدمن جي محرڪ سيڪريٽري جنرل رابطا عالم اسلامي ۽ چيئرمين مسلم علماءَ ڪائونسل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي ڪانفرنس جي سمورين قراردادن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عملدرآمد ۽ مادي ۽ اخلاقي طور تي ان جي حمايت جي ذميواري سونپي وئي آهي، اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ذريعي اسلامي حڪومتن تائين ٻنهي ادارن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي کي مسلمان ملڪن ۽ مسلم اقليتن وارن ملڪن ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن تائين پهچايو وڃي۽ واضح پيغام ڏنو وڃي ته اسلامي دنيا۽ اقليتي برادرين ۾ مذهبي سبق شامل آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسلام جي غلط تشريح ۽ عورتن جي حقن جي خلاف ورزي کي ختم ڪيو وڃي. مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلم اسڪالرز جي تنظيم جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي کي ان عمل جي شروعات جي ذميواري سونپي وئي آهي. پڄاڻي تي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪانفرنس جي ميزباني۽ حمايت تي ٿورو مڃيو. هن رابطا عالم اسلامي جي بهترين انتطامن تي به ٿورو مڃيو ۽ ان قدمن جي محرڪ کان مطالبو ڪيو ته هو ان اهم قدمن جي نتيجن جي پيروي سميت انهن معاهدن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي، هي قدم انشاءُ الله صحيح ٿيل معياري معاهدن ذريعي عملي ۽ واضح نتيجا ڏيندڙ هوندو. هي صرف اعلان ناهي پر نياڻين جي تعليم لاءِ هڪ انقلابي تبديلي هوندي جنهن سان هر محروم نياڻي ۽ هر ضرورت معاشرو لاڀ حاصل ڪندو.