اسلام آباد- 12 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان کي نياڻين جي تعليم ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، اسان جي حڪومت نياڻين جي معياري تعليم تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هڪ پڙهيل لکيل عورت بهتر انداز ۾ پنهنجي خاندان جي پرورش ڪري سگهي ٿي. مسلم معاشري ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته تعليم واري وزير جي حيثيت سان مان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيان ته پاڪستان ۾ هر ٻار ان جي جنس ڪهڙي به هجي، سماجي، اقتصادي پس منظر يا جاگرافيائي بيهڪ ڪجهه به هجي پر ان کي معياري تعليم تائين پهچ حاصل هوندي. هن چيو ته اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته تعليم جو نياڻين کي بااختيار بنائڻ، خوشحالي، ترقي ۽ ڀلائي ۾ اهم ڪردار آهي. بدقسمتي سان ڪجهه معاشرا اڃان به نياڻين جي تعليم خلاف آهن، قوم جي حيثيت سان انهن معاشرتي اصولن ۽ روين کي چئلينج ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نياڻين جي تعليم صرف هڪ اخلاقي ضرورت ناهي پر هڪ اقتصادي ضرورت پڻ آهي. هن چيو ته تعليم يافته نياڻيون سٺي روزگار جي موقعن سان گڏ پنهنجي خاندان ۽ ٻارن جي بهتر پرورش ڪري سگهن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اسان کي چئلينجز سامهون آهن، لکين نياڻيون اسڪولن کان ٻاهر آهن، هن چيو ته نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون موجود آهن، انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي حڪومت نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جن جو مقصد اسڪولن مان ٻاهر نياڻين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن سميت سڄي ملڪ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي تربيت، نون اسڪولن جي تعمير ۽ شاگردياڻين کي وظيفن جي فراهمي جهڙن قدمن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي گڏجي اهڙي معاشري جي تعمير ڪرڻي پوندي جتي نياڻين جي معياري تعليم تائين رسائي کي يقيني بڻائي سگهجي جنهن ۾ هو پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ والدين، استادن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن جي ڪردار کي ساراهڻ گهرجي. اسان کي نياڻين جي تعليم ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن تعليم ۾ هن اڻبرابري کي ختم ڪري سگهجي. وفاقي وزير ان موقعي تي نياڻين جي تعليم لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهيون ته ملڪ ۾ معياري تعليم تائين انهن جي رسائي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ هو پنهنجي قابليت جي بنياد تي پنهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهن.