اسلام آباد- 12 جنوري (اي پي پي) نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي چيو آهي ته تعليم هر نياڻي جو بنيادي حق آهي، دنيا ۾ 120 ملين نياڻيون مختلف سببن جي بنياد تي اسڪول نه وڃي رهيون آهن. اسلام آباد ۾ جاري نياڻين جي تعليم جي حوالي سان رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان پاڪستان مان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ منهنجي دل هميشه پاڪستان ۾ رهي ٿي، هن چيو ته هر نياڻي جو بنيادي حق آهي ته هو اسڪول وڃي، نياڻين جي تعليم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، سکڻ اسان جي اسلامي تعليم ۾ شامل آهي. هن چيو ته حضرت بي بي عائشه ۽ فاطمه جناح جهڙيون عورتون اسان لاءِ مشعل راهه آهن، فاطمه جناح آزادي ۽ انصاف جي جدوجهد لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، معيشت جي بهتري لاءِ عورتن جو ڪردار اوترو ئي اهم آهي جيترو مردن جو آهي. هن چيو ته طالبان عورتن کان تعليم جو حق ڦري رکيو آهي. هن چيو ته هي حقيقت آهي ته اڪثر حڪومتون نياڻين جي تعليم کي نظرانداز ڪن ٿيون، نظرانداز ڪرڻ باوجود اڄ نياڻين جي تعليم جو معاملو مختلف نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ اسرائيل اسڪولن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، غزه ۾ 90 سيڪڙو يونيورسٽيون به تباهه ٿي ويون آهن. هڪ فلسطيني نياڻي پنهنجو مستقبل نٿي ٻڌائي سگهي جيڪا اها اسڪول نٿي وڃي سگهي. هن چيو ته مسلم ورلڊ ليگ هڪ اهم مسئلي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ اسان کي هتي گڏ ڪيو، اسان ان جا ٿورائتا آهيون.