راولپنڊي – 13 – جنوري (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سينيئر صحافي جاويد شهزاد جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي مرحوم جاويد شهزاد جي ڀاءُ سينيئر صحافي خرم شهزاد ۽ سندس پٽ ۽ ٻين گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اي پي پي جي ايم ڊي مرحوم جي صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪندي چيو ته مرحوم هڪ محنتي ۽ پيشيور صحافي، کلڻو ملڻو ۽ همدرد انسان هو، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي مرحوم جاويد شهزاد جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.