راولپنڊي – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي جاويد شهزاد جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحوم جي ڀاءُ سينيئر صحافي خرم شهزاد ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جاويد شهزاد هڪ محنتي ۽ قابل صحافي هو، جنهن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو صحافت جي لاءِ وقف ڪيو، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مرحوم جاويد شهزاد جي ٻارن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جو هر ممڪن خيال رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جاويد شهزاد جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ موجود هو.