اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ بابت ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ پرڏيهي وزارت واري سيڪريٽري، صنعت واري وزارت جي سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي سيڪريٽري، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڏنو ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائيل پارڪس کي تيزي سان مڪمل ڪن ۽ پاڪستان ۾ برآمدات تي ٻڌل صنعتن ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪن.