اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حلف کڻڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس پهچي ويو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي آفيسرن ۽ عملي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ميڊيا ونگ موجب نگران وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ مقرر عملي جو تعارف ڪرايو ويو.