اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايوان وزيراعظم مان رخصتي تي الوداعي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ايوان وزيراعظم جي اڱڻ ۾ گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. هٿياربند فوج جي دوستي اڳوڻي وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. اڳوڻو وزيراعظم گارڊ آف آرنر کانپوءِ وزيراعظم هائوس مان رخصت ٿي ويو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ شهباز شريف کي ايوان وزيراعظم مان رخصت ڪيو.