اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڪهاڻي مزاحمت ۽ مسلسل جدوجهد جي رهي آهي، بحران ڪيترائي شديد ڇو نه هجن، پاڪستان انهن مان سدائين سرخرو ٿي نڪتو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنهنجي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان ئي پاڪستان جي ڪهاڻي مزاحمت ۽ مسلسل جدوجهد جي رهي آهي. تحريڪ پاڪستان دوران مشڪلاتن ۽ مصيبتن جا جبل پار ڪرڻ کانپوءِ گذريل 76 سالن دوران اسان هڪ ٻئي پـٺيان مشڪلاتن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيندا رهيا آهيون. بحران ڪيترائي شديد ڇو نه هجن، پاڪستان انهن مان سدائين سرخرو ٿي نڪتو آهي. هن چيو ته 76 هين آزادي جي ڏهاڙي تي قوم جي آواز ۾ آواز ملائيندي آئون باباءِ قوم حضرت قائداعظم، لکين شهيدن ۽ آزادي جي هيروز کي سلام عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پنهنجو پاڻ پاڪستان تي قربان ڪري خلوص، ايثار ۽ محبت جو لازوال مثال قائم ڪيو. قائداعظم جي مدبراڻي قيادت پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گذريل ساڍا 7 ڏهاڪن ۾ اسان ڪيترين ئي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سنگ ميل عبور ڪيا آهن پر اڃا ڪامراني جي اها منزل ناهي آئي جنهن جو پوري قوم کي شدت سان انتظار آهي. محمد شهباز شريف چيو ته يڪجهتي جي مظهر اڄ جي ڏينهن وانگر اهو جذبو ۽ اتحاد اسان کي ملڪ جي تعمير، ترقي ۽ معاشي پاڻڀرائپ جو عظيم مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻو آهي جنهن جي ذريعي قوم هر مشڪل کي شڪست ڏئي سگهي ٿي. تعمير پاڪستان جي لاءِ اسان کي قائداعظم جي ”ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم“ جي سنهري رهنما اصول کي پنهنجي زندگين جو حصو بڻائڻو آهي. وقت اچي ويو آهي ته اسان ڳالهين بدران عمل جي قوت استعمال ۾ آڻيون. اسان جي ڪاميابي جو اهو ئي واحد رستو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اچو! تڪميل پاڪستان جي ڪهاڻي لکندڙن ۾ اسان به شامل ٿي وڃون، مون کي ڪو شڪ نه آهي ته نئين بلندين سان همڪنار ٿيڻ ئي پاڪستان جو مقدر آهي.