سکر – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي سينيئر صحافي، تجزيه نگار ۽ اينڪر پرسن جان محمد مهر جي قاتلاڻي حملي ۾ شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ پوليس صحافي جان محمد مهر جي قتل جي ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافي جان محمد مهر جون ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل صحافتي خدمتون قدر جوڳيون آهن، صحافي جان محمد مهر سکر جو هڪ مضبوط آواز هو، ان جي غيرجانبدراڻي راءِ سڄي ملڪ جي سنجيده حلقن ۾ مقبول هئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جان محمد مهر جي افسوسناڪ قتل تي پونئيرن بشمول ڪي ٽي اين عملي ۽ سکر جي صحافي برادري سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن صحافي جان محمد جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.