اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) نامزد نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم نامزد ٿيڻ کان پوءِ غيرجانبداري واري پنهنجي اصولي موقف تحت سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني آهي. نوٽيفڪيشن مطابق سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سندس استعيفيٰ قبول ڪئي آهي جنهن کان پوءِ آئين جي آرٽيڪل 64 جي شق (1) تحت 14 آگسٽ 2023ع کان سينيٽ جي هي سيٽ خالي هوندي.