اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وطن واسين کي آزادي جي 76هين سالگره تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته هي ڏينهن اسان پاڪستان جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. اڄ قوم کي درپيش سماجي، سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. جشن آزادي جي موقعي تي قوم نالي پنهنجي جاري پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان جي بانين ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، جن ڏکيائين ۽ ظلم کي منهن ڏنو ۽ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي چئلينجن جو بهادري سان مقابلو ڪيو، انهن ماڻهن جا داستان اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راه آهن، اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قربانين جي قدر ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن 76 سال اڳ قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ تاريخي جدوجهد کان پوءِ آزادي حاصل ڪئي، هندستان جا مسلمان پنهنجي لاءِ هڪ اهڙو وطن چاهين پيا جتي هو آزادي سان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي کي اسلامي تعليمات مطابق گذري سگهن، صدر مملڪت چيو ته اڄوڪو هي ڏينهن اسان کي پنهنجي خودشناسي جو موقعو پڻ فرهام ڪري ٿو، اسان کي ملڪ جي موجوده ترقي جي سطح، درپيش چئلينجن ۽ مستقبل م ترقي جي موقعن تي عور ڪرڻ گهرجي، اهو ئي وقت آهي ته اسان قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن مطابق هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪيون. آئون پنهنجي هم وطنن کي گذارش ڪيان ٿو ته هو پنهنجي معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪن. اچو ته عهد ڪيون ته اسلام جي بيان ڪيل جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري، برداشت ۽ درگذر، سماجي ۽ اقتصادي انصاف، ۽ اخلاقي اصولن کي برقرار رکون. هن چيو ته اچو ته اڄ اسان غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن جو شڪار پنهنجي مظلوم ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڻ ياد رکون. 2019ع ۾والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ سميت ڀارت جي غيرقانوني قدمن، عدالت کان مٿانهن قتل، تشدد ۽ غيرقانوني حراستن جي صورت ۾ وادي ۾ انساني حقن جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي. اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ کين انهن جي جائز خوداراديت واري حق لاءِ سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريون ٿا. صدر مملڪت چيو ته ان موقعي تي سموري پاڪستاني قوم کي درخواست ڪيان ٿو ته هو ثابت قدم رهن ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪن. اڄ قوم کي درپيش سماجي، سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اچو ته عزم ڪيون ته ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيون.