اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 76هين يوم آزادي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته قائداعظم سميت ٻين عظيم رهنمائن جي هن قيمتي تحفي تي هميشه انهن جا احسانمند رهنداسين، پاڪستان جو تصور عظيم هو، آزادي جو جذبو پاڪستانين کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ هڪ اهڙي قوم جي تشڪيل لاءِ ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو جيڪو انصاف، برابري ۽ سڀني لاءِ خوشحالي جي اصولن تي ٻڌل آهي. يوم آزادي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر عزم ورجايون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف يوم آزادي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قوم اڄ پاڪستان جي 76هين يوم آزادي جي سالگره ملهائي رهي آهي، ان موقعي تي سمنڊ پار پاڪستانين سميت پوري قوم کي دل جي اتاهه گهرائين سان مبارڪون پيش ڪيان ٿو. هي ڏينهن اسان جي دلين ۾ خاص جذبي جي جاءِ رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن آزادي جي تاريخي جدوجهد، رياست پاڪستان جي قيام تي پڄاڻي تي پهتي، اڄ جي هن اهم ڏينهن ۾ اسان انهن مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، جيڪي قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۾ گڏ ٿيا ته جيئن هڪ اهڙي سرزمين حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪري سگهن، جن کي هو پنهنجو گهر چئي سگهن. وزيراعظم چيو ته ان عمل دوران انهن ماڻهن پاڪستان جي حاصلات جي عزم ۽ لگن جي عاليشان مثال قائم ڪئي هئي. مان وزيراعظم ۽ انهن اڳواڻن کي به خراج عقيدت پيش ڪرڻ چاهيندس جن کان سواءِ پاڪستان جي خواب کي عملي جامو پهرائڻ ممڪن نه هو، پاڪستان جي هن قيمتي تحفي لاءِ اسان انهن عظيم اڳواڻن جا هميشه احسانمند رهنداسين، وزيراعظم چيو ته ڌار وطن لاءِ جدوجهد هڪ اهڙي خيال جي عڪاس آهي، جنهن جون پاڙون خود اعتمادي ۽ هڪ بهتر سڀاڻ جي اميد تي ٻڌل آهي. اهي خيال هڪ اهڙي ملڪ جا خيال هئا جتي اسان جا ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي تلاش ڪري سگهن ۽ پنهنجي شاندار روائتن، اخلاقيات، ٽقافت ۽ پنهنجي قدرن مطابق امن ۽ خوشحالي جي زندگي گذاري سگهن، پاڪستان جو تصور عظيم هو، هي هڪ اهڙي خواهش هئي جنهن جي تشڪيل ڪانگريس طرفان حمايت يافته اڪثريتي اصول تحت زندگي گذارڻ جي خوف کان ٿي هئي. وزيراعظم چيو ته قائداعظم هن تشريح جي مخالفت ڪئي جنهن جو مقيد مسلمانن جي سڃاڻپ کي دٻائڻ ۽ انهن کي اولهه جي جمهوريت جي آڙهه ۾ اقليت طور رکڻ هو. قائداعظم اهو ثابت ڪيو ته مسلمان هر لحاظ کان هڪ ڌار قوم آهن ۽ انهن جي ڌار وطن جو مطالبو تاريخي طور جائز هو. هن تنبيهه ڪئي ته اڪثريت پرستي جي اصول تحت کين هڪ وڏي ملڪ ۾ رهڻ تي مجبور ڪرڻ تباهي جو نسخو آهي. هن هڪ پرامن جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي قيادت ڪئي. قائداعظم جو عزم ۽ يقين پنهنجي مقصد جي حق ۾ ايترو پختو هو جو انگريز حڪمرانن ۽ ڪانگريس جي گڏيل مخالفت جي ان عزم کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ٻه سبق قابل ذڪر آهن، پهريون هي ته آزادي جي جدوجهد جو سڀ کان اهم پاسي ۾ هڪ اتحاد جو پاسو هو جيڪو هن خطي جي ثقافتن، ٻولين ۽ نسلن تي ٻڌل هو. 14 آگسٽ نه صرف سياسي آزادي جو جشن آهي، بلڪه هڪ عظيم قوم جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ متحد هئڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي. پاڪستاني جهنڊو جنهن جو سائو رنگ مسلم اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ سفيد رنگ مذهبي اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. هي اتحاد جي اصول جو مجسم ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي سڃاڻپ کي جوڙي ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻيو سبق هي آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص هڪ مقصد لاءِ ايمانداري ۽ عقيدت سان ڪم ڪري ته ان لاءِ ڪا به رڪاوٽ ناقابل تسخير نه هوندي آهي، خود اعتمادي قومن جي تخيل کي اڀاري ٿي ۽ انهن جي سفر کي منزل طرف وڌائي ٿي، 76هين آزادي جي سالگره جي موقعي تي اسان کي پنهنجي جذبن کي اڀارڻ جي ضرورت آهي ته جيڪا تحريڪ آزادي جي سڃاڻپ هئي ۽ اسان کي اتحاد ۽ خوداعتمادي جي جي سبق کي ڪتب آڻيندي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ساڍا ستن ڏهاڪن ۾ خراب حالتن جي مقابلي ۾ حاصل ڪيل سنگ ميل جي اهميت ناقابل ترديد آهي، اسان بدترين قدرتي آفتن، تڪرارن ۽ جنگين جو مقابلو ڪيو ۽ هميشه متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۾ ڪامياب رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته يوم آزادي تي اسان والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان گڏ آهيون، جيڪي ڪشمير تي ڀارت جي ظالماڻي قبضي خلاف پنهنجي خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام کي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چئن سالن جي فوجي گهيري ۽ معلومات جي بليڪ آئوٽ باوجود، والاريل ڪشمير جي ماڻهن ڀارتي جابراڻي قبضي خلاف غير معمولي جذبي ۽ مزاحمت جو مظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان بين الاقوامي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺن. اسان جو موقف ٺوس آهي، اسان گڏيل قومن جي قراردادن مطابق هن تڪرار جي پرامن حل جا خواهشمند آهيون ۽ آزاداڻي، منصفاڻي، خوداراديت واري حق ذريعي ڪشميرين جي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق تسليم ڪيون ٿا. وزيراعظم چيو ته 14 آگسٽ صرف هڪ تاريخ ناهي، پر هي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، هي پاڪستاني قوم جي عزم، حوصلي ۽ آزادي لاءِ اڻ کٽ عزم جي علامت آهي، اڄ جو يوم آزادي ماضي جي قربانين تي غور حال جي ڪاميابين کي ملهائڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جو تصور ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي. هن چيو ته آزادي جو جذبو پاڪستانين کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ پنهنجي هڪ اهڙي قوم جي تشڪيل لاءِ ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، جيڪو انصاف، برابري ۽ خوشحالي جي اصولن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي وڏڙن جي قرب انين کي ياد ڪيون ۽ انهن جي قدرن کي برقرار رکڻ جو عهد ڪيون جيڪي اسان جي عظيم قوم جي سڃاڻپ آهن.