اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي يوم آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 180 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب سزائن ۾ گهٽتائي عمر قيد جي ڏوهارين تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته اها گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين لاءِ ناهي. اهڙي ريت زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا مليل ڏوهارين جي سزا ۾ پڻ گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر موجب مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهاري پڻ سزائن ۾ گهٽتائي مان فائدو حاصل ڪري نه سگهندا. سزا ۾ گهٽتائي انهن قيدين لاءِ آهي جيڪي 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا آهن ۽ پنهنجي ٽي حصا سزا ڪاٽي چڪا آهن جڏهن ته اها گهٽتائي انهن 18 سالن کان گهٽ عمر جي قيدين لاءِ پڻ هوندي جيڪي پنهنجي سزا ٽي حصا ڪاٽي چڪا آهن. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 45 هيٺ سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني آهي.