لاهور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بنجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ سٺو سنوڻ آهي، آئيني طريقيڪار تي هلندي هڪ سٺي نالي تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته آئون اپوزيشن ليڊر راجه رياض جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن مشاورت ۾ مدد ڪئي. انوار الحق ڪاڪڙ هڪ پڙهيل لکيل ۽ محب وطن شخصيت آهي، سمورين پارٽين طرفان انوار الحق ڪاڪڙ جي نالي تي اعتماد اسان جي صحيح چونڊ کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته هو ملڪ ۾ شفاف، آزاداڻيون ۽ اڻ ڌريون چونڊن کي يقيني بڻائيندو. 16 مهينن ۾ اسان ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي جنهن معاشي استحڪام سان هم ڪنار ڪيو آهي، اميد آهي ته ان جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته ترقي، تعمير ۽ معاشي بهتري جو تسلسل يقيني بنائڻ پاڪستان ۽ عوام جي بهتري لاءِ ضروري آهي. دعاگو آهيان ته نگران وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا عوام ۽ آئين جي اميدن تي پورو لهندو.