اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي نگران وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. نگران وزيراعظم جي حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انوارالحق ڪاڪڙ کان نگران وزيراعظم جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت صوبائي گورنرن ۽ وڏن وزيرن، اڳوڻن وزيرن، سياسي اڳواڻن، پاڪستان ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر آئين جي آرٽيڪل 224 (ون اي) تحت ڇنڇر ڏينهن انوارالحق ڪاڪڙ جي بطور نگران وزيراعظم مقرري جي منظوري ڏني هئي.