اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ترقي جي لاءِ اتحاد ۽ ٻڌي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان جي بزرگن برابري، مذهبي آزادي ۽ بنيادي حقن جي لاءِ جانيون قربان ڪيون، تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف هڪ لک جانين جون قربانيون ڏنيون، نفرت بدران محبتن کي فروغ ڏيڻو پوندو، قائداعظم جي فرمانن تي عمل ڪري پاڪستان کي خوشحالي جي منزل سان هڪمنار ڪرائڻو آهي، ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، خاتون اول، اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن ۽ غيرملڪي سفارتڪارن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر آزادي جي ڏهاڙي جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ پوري قوم کي مبارڪباد ڏني، هن خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين کي پاڪستان پاران ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو، هن چيو ته انشاءَ الله ڪشمير پاڪستان بڻجندو. ڊاڪٽر عارف علوي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سياستدان ۽ ڌريون درگذر جو رويو اختيار ڪن، پاڪستان پنهنجي ليڊرن کان گهُر ڪري ٿو ته گڏ ٿي وڃن، نفرت پکيڙڻ بدران محبتن کي فروغ ڏيڻو پوندو، حضور ﷺ درگذر جي تقلين ڪئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد آزاد مسلم رياست قائم ٿيڻ هو ته جيئن ننڍي کنڊ جا مسلمان اسلامي اصولن موجب پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته آزادي حاصل ڪرڻ جو هڪ ٻيو مقصد جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري ۽ سماجي انصاف کي پروان چاڙهڻ هو، ملڪ جو آئين بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. صدر ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اڄ به اسان جا فوجي ۽ سويلينز ملڪ جي لاءِ مسلسل شهادت ڏئي رهيا آهن، انهن قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته انصاف سان ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا، اخلاقي قدرن جي کوٽ جي ڪري دنيا ۾ انتشار آهي، پاڪستان جي لاءِ ڪوششون ۽ قربانيون 1857ع جي آزادي جي جنگ کان شروع ٿيون، سر سيد احمد خان چيو هو ته دنيا جي علم کي اختيار ڪريو، اتان علم جي واڌويجهه ٿي، علامه اقبال امت ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ويزن ڏنو ته اهي عروج ماڻين. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي وڪالت، انصاف پسندي ۽ جدوجهد جنهن بابت ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته دنيا ۾ اهڙا گهٽ ليڊر پيدا ٿيا جن نقشو بدلايو ۽ قوم ٺاهي. صدر چيو ته تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، آئين، قانون ۽ ميرٽ جي بالادستي جي لاءِ اهي قربانيون ڏنيون ويون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ لک جانين جون قربانيون ڏنيون ويون، پاڪستان جي لاءِ قربانين جو سلسلو اڄ به جاري آهي، قرآني تعليم تي عمل ڪندي اتحاد ۽ ٻڌي جي فضا قائم ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي لاءِ ضروري آهي ڌرين کي ٻُڌو وڃي، انصاف نه ٿيڻ سان معاشرو انتشار جو شڪار ٿي وڃي ٿو، اسلام جي ٻڌايل قدرن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي. صدر چيو ته قومي ترقي ۾ خواندگي ۽ صحت جا مسئلا اهميت رکن ٿا، عورتن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ترجيح بهترين صحت جي سهولتن جي فراهمي هجڻ گهرجي، ٽيڪس ڏيندڙ ٽيڪس نه ڏيندڙن جو بار به کڻي رهيا آهن. صدر چيو ته ديني تعليم سکي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي يقيني بڻائي سگهجي ٿي، اسلام جي ٻڌايل قدرن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي، قرآني تعليم تي عمل پيرا ٿيندي اتحاد ۽ ٻڌي جي فضا قائم ڪري سگهجي ٿي. هن حمايت ۽ تعاون تي چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ترڪيه سميت دوست ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو ته مشڪل وقت ۾ مدد تي انهن جا ٿورائتا آهيون. صدر چيو ته تعليم کي عام ڪري ملڪ مان غربت جو خاتمو ممڪن آهي، 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، اسان جي ترجيح بهترين صحت جي سهولتن جي فراهمي هجڻ گهرجي. ان کان اڳ صدر ملڪ جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر جي ڪنوينشن سينٽر ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ فنڪارن ان موقعي تي ملي نغما ڳايا. صدر تقريب ۾ فنڪارن ۽ اسڪول جي ٻارن جي پرفارمنس جو مشاهدو ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر عارف علوي پرچم ڪشائي جي سرڪاري تقريب ۾ شريڪ ٻارن سان هٿ ملايو ۽ انهن کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني.