اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي، هن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حلف کڻڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس اچڻ تي عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم وزيراعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آفيسرن نگران وزيراعظم کي پنهنجو تعارف ڪرايو. نگران وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم کي رخصت ڪيو. بعد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.