APP17-231222 ISLAMABAD: December 23 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs a meeting on Information Technology Exports. APP/ZID/ABB

اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، جيترو ٽيلينٽ ۽ هنر پاڪستان ۾ آهي ان جي مقابلي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انفارميشن ٽيڪنالاجي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار جي فروغ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني انٽرپرنيورز آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر جو روانگي واپار پاڪستان ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي ٽيلينٽ ۽ صلاحيت جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر جو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن برآمد ڪندڙن جن آءِ ٽي برآمدات ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو انهن کي حڪومتي سطح تي ساراهيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 2.6 بلين آمريڪي ڊالرز ررهيو ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ان روانگي واپار کي هلندڙ سال 5 بلين آمريڪي ڊالرز تائين وڌايو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ آءِ ٽي روانگي واپار رياست هاءِ متحده آمريڪا کي وڃي رهيو آهي جيڪو ڪل آءِ ٽي روانگي واپار 57 سيڪڙو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان وٽ دنيا ۾ ٻي وڏي فري لانس افرادي قوت موجود آهي جنهن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ قدم کڻي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي انڊسٽري ۾ نئين ماڻهن جي سموليت جي لاءِ يونيورسٽيز ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان ٻه سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامز شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر ٽيڪنالاجي، چين ۽ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي پڻ حڪومتي ترجيحن جو حصو آهي، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٽيڪ ڊيسٽينيشن پاڪستان جي برانڊ کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل آف روينيو آءِ ٽي ايڪسپورٽرز جي سهولت لاءِ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ هيلپ ڊيسڪس قائم ڪيا آهن جيڪي ڪمشنر آئي آر ليول جي آفيسر جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آ3 ٽي ايڪسپورٽرز کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. وزراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزير ۽ آفيسر آءِ ٽي برآمد ڪندڙن سان هڪ تفصيلي ملاقات ڪن ۽ انهن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم آءِ ٽي روانگي واپار جي موجوده ڪاٿي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته جيترو ٽيلنٽ ۽ هنر پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان موجود آهي ان جي مقابلي ۾ پاڪستان مان آءِ ٽ روانگي واپار تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جلد کان جلد طئي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته يونيورسٽيز، اڪيڊميز ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير امين الحق، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، سيد فهد حسين، شزا فاطمه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.